لاهور(م ڊ) لاهور جي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان مبينا ڏاڍائي واري واقعي خلاف راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به شاگرد رستن تي نڪري آيا، وڳوڙ ڀڙڪي پيا، قائد ڪئمپس اسلام آباد جي عمارت کي باهه ڏني وئي، پوليس شيلنگ شروع ڪري ڏني، چڪرين کانپوءِ 150 شاگرد گرفتار ڪيا ويا، شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ به ڪئي وئي، گرفتارين باوجود شهر جي مختلف ڪاليجز جي ڪيمپس آڏو شاگردن جو وقفي وقفي سان احتجاج جاري رهيو، پشاور روڊ ڪيمپس تي شاگردن گيٽ ۽ شيشا ٽوڙي ڇڏيا، مورگاهه ڪيمپس ٻاهران به شاگردن پٿراءُ ڪيو، ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون ٿي پيون، ايوب پارڪ چوڪ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو.