ڪوٽڙي ۾ چيلهار واسي چوڪيدار قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ، فلور مل مالڪ تي ڪيس داخل

0
32
ڪوٽڙي ۾ چيلهار واسي چوڪيدار قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ، فلور مل مالڪ تي ڪيس داخل
ڪوٽڙي ۾ چيلهار واسي چوڪيدار قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ، فلور مل مالڪ تي ڪيس داخل

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي ھڪ فلور مان چوڪيدار جو مبينا طور تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، لاش جي سڃاڻپ ٿر جي علائقي چيلهار واسي گهنشام ميگهواڙ طور ٿي

  سائيٽ ايريا ۾ قائم حاجي نواب فلور مل ۾ چوڪيداري ڪندڙ  45 سالن جي گهنشام ميگھواڙ جو مبينا طور تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو  اطلاع تي ايس ايس پي ڄامشورو سائيٽ پوليس سميت واقعي واري ھنڌ پھچي ويو

شروعاتي طور پوليس موقف اختيار ڪيو ته فوتي جي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي کيس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي پر وڌيڪ سي سي فٽيج ڪڍرايا آھن

جاچ ڪري حقيقت معلوم ڪئي ويندي، جنهن بعد پوليس پنهنجو اڳيون موقف مٽائيندي چيو ته مل اندر هٿياربند ڦر جي نيت سان گهڙي آيا ۽ هنن 60 ٻوريون اٽي جي جون چورائي کڻي وڃڻ چاهيون ته چوڪيدار جي مزاحمت تي فائرنگ ۾  فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، پر عيني شاهدن توڙي لاش جي وڊيو موجب مقتول چوڪيدار جو لاش چوڪيدار جي ڪوارٽر ۾  پيل هيو

هوڏانهن مقتول جي وارثن اهڙي خبر پوڻ تي پهچي لاش وصول ڪيو ۽ نوجوان جي قتل جو شڪ ڏيکاريندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي

مقتول جي وارثن پاران لاش ڪوٽڙي ٿاڻي اڳيان رکي احتجاج ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڄامشوروطارق نواز جي حڪم تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي مقتول گهنشام ميگهواڙ جي ڀاءُ جي فرياد تي فلور مل مالڪ شهزاد راجپوت ۽ نامعلوم مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي