کير ٿر تي طوفاني وسڪارا، پاڻيءَ لڪ لتاڙي ڪاڇي کي جل ٿل ڪري ڇڏيو، فريد آباد ۾ 13 ڪلاڪ لاڳيتي برسات، دلان، ٻوري، سنگهرو ۽ ٻيون نئيون وهي آيون
شاهه گودڙيو-فريد آباد روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، ڪاڇي جو ميهڙ سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، واهي پانڌي ويجهو گاج، نلي، سوري، انگئي، ڪڪڙائي ۽ ٻيون نئيون تارو تار
گورک ڏانهن ويندڙ روڊ به برساتي وهڪري ۾ لڙهي ويو، کيرٿر تي لاڳيتن وسڪارن سبب ڪاڇي جو دادو سان به زميني رابطو ڪٽجي ويو، برساتي وهڪرا منڇر ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه جاري آهي