خيرپور ويجهو هٿياربندن هٿان نوجوان ناري مبينا طور اغوا، پوليس ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سم نالي لقمان وٽ هٿياربندن عمران لوڊر جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ ترسيل نوجوان ناري بختاور شيخ ۽ سندس ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
گهر ڀاتين مزاحمت ڪندي هڪ ڇوڪريءَ کي بچائي ورتو، جوابدار بختاور شيخ کي اغوا ڪري ويا
مزاحمت دوران هڪ جوابدار امجد شيخ کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس امجد شيخ، علي رضا شيخ، امير جاگيراڻي ۽ اويس جاگيراڻي سميت 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو
پوليس موجب اغوا ٿيل بختاور شيخ عمران لوڊر جي ويڳي ڌيءَ آهي