ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي ڪارونجھر جبل جي وچ ۾ موجود وڏي تيرٿ ڌام ساڙڌرو مندر ۾ ڪاتڪي پونم جو وڏو ميلو اڄ کان شروع ٿي ويو ، ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ پنھنجن جون استيون مندر ۾ موجود مرگهه ڪن ۾ تارڻ ڪرڻ لاءِ ياترين جو پيادل توڙي گاڏين ۾ قافلن جي صورت ۾ اچڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، ياتري پوڄا پاٽ ڪندا، جڏھن ته سنڌ جا مشھور ڀڄني ڀڄن ڳائيندا، ميلو ٻه ڏينھن جاري رھندو، ٻئي پاسي ميلي ۾ لکڻ ڀارتي مندر ۽ ساڙڌڙو ڌام مندر ۾ دڪانن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن، ميلي ۾ ايندڙ جي حفاظت لاءِ پوليس کي پڻ مقرر ڪيو ويو آھي.