ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) ڪارساز حادثي ڪيس جي مک جوابدار عورت نتاشا پاران عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل
جوابدار عورت نتاشا عامر منصوب قريشي ۽ عمر گورا جي ذريعي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي
عامر منصوب ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته نتاشا ذهني مريض آهي، 2004 کان سندس علاج هلندڙ آهي
هن چيو ته نتاشا خلاف جيڪي قلم ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن ان جي سزا ديت آهي، نتاشا جي ضمانت منظور ڪئي وڃي
وڪيلن عدالتن ۾ درخواست سان گڏ آغا خان اسپتال جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ رڪارڊ به جمع ڪرايو