ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ

0
35

ڪراچي (رپورٽ:حبيب جمالي) ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ، ايس ايس پي اولهه موجب ڪراچي منگهو پير واري علائقي  مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ آيا آهن

ايس ايس پي اولهه موجب لاش ناردرن بائي پاس تي  زرياب هوٽل ڀرسان مليا آهن، شرواعتي جاچ موجب ٻنهي ڄڻن کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو

ايس ايس پي اولهه وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ شاهه زمان پٽ علي نواز جي نالي سان ٿي، ٻئي جيسڃاڻپ نه ٿي سگهي

ايس ايس پي اولهه موجب واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي