ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هڪ گهر اُجاڙي ڇڏيو

0
48
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هڪ گهر اُجاڙي ڇڏيو
ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هڪ گهر اُجاڙي ڇڏيو

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌيڪ هڪ گهر اُجاڙي ڇڏيو، گُلستان جوهر ۾ هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

واردات بعد ڦورو فرار ٿي رهيا هئا ته شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو، شهرين جي تشدد ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

مقتول نوجوان رهبر علي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سرِعام شهري مارجي وڃن ٿا، پر ڪير به تحرڪ وٺڻ وارو ناهي

گهرو وزير پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

واضح رهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال هيل تائين اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 48 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن