ڪنڌڪوٽ ويجهو سهرياڻي برادري جي ٽن مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

0
21
ڪنڌڪوٽ ويجهو سهرياڻي برادري جي ٽن مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ ويجهو سهرياڻي برادري جي ٽن مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ ويجهو سهرياڻي برادري جي ٽن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته علي بهار، ذيشان ۽ شمن سهرياڻي جي اغوا کي هڪ مهينو گذري ويو آهي، پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪو قدم نه کنيو آهي، ٽنهي مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ٻئي پاسي تنگواڻي ويجهو گئس وال تان اغوا ٿيل چوڪيدار حمزه علي ۽ منير گجراڻي جي بازيابيءَ لاءِ به انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

 مغوين جي وارثن سوڪڙ اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، مظاهرين چيو ته 6 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل حمزه ۽ منير کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي

مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته 3 هفتا اڳ اغوا ٿيل سکر واسي پورهيت سهراب، ميرخان ۽ علي حسن شيخ به ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن

هي به پڙهندا

جيڪب آباد واسي پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا