دادو/ جوھي (رپورٽ: فتاح شيخ/ حاڪم لغاري/ وقاص حنيف لغاري ) جوهي ۾ هڪ شخص عدالتي حڪم تي سيل ڪيل تاريخي شيو مندر جا تالا کولي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، واقعي کان هندو پئنچائت دادو جي مکي گرمکداس پاران ڊي سي دادو مختيار احمد ابڙو ۽ اي ڊي سي جوهي سان رابطو ڪري مندر کي نقصان رسائڻ ۽ پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. اهڙي شڪايت ۽ شهرين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي کيس حراست ۾ ورتو. ان ڏس ۾ جوھي شھر جي تاريخي شيو مندر تي سالن کان قبضي جي ڪوشش ڪندڙ گروپ پاران ڪالهه وري هڪ شخص ڪوڙو چانڊيو مندر تي چڙھي ويو جتي هن مورتين سميت مختلف حصن کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترين مورتين کي نقصان پڻ پھچايو. اھڙي واقعي تي شھر جون سڃاڻ ڌريون گڏ ٿي ويو جن سخت مزاحمت ڪئي جنھن بعد جوھي پوليس پھچي ڪوڙو چانڊيو کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃڻ بعد جوھي پوليس بااثر ماڻھن جي مداخلت تي پيرسن کي چريو قرار ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيو. جوهي پوليس معاملي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ سڄو ملبو شهر مان خيرات وٺندڙ ڪوڙو چانڊيو تي هڻي آهي، شھرين موجب جنوني شخص پاران شيوو مندر کي ڊاهي اتان لوھ پڻ ڪڍي چوري ڪيو ويو آهي . جنوني شخص گرفتاري وقت پوليس کي چوندو رھيو ته اسان جي عورتن جون تصويرون آھن جيڪي ڊاھيون آھن جوھي ٿاڻي جي وڏي منشي منير احمد چانڊيو پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته جنوني شخص جو ذهني توازن درست نه آهي، جنوني شخص جو تعلق جوهي شهر سان آهي جنهن جو نالو ڪوڙو چانڊيو آهي، جنهن کي مندر مان ڪڍي کيس ڇڏي ڏنو آهي. شهرين اديبن شاعرن سڃاڻ ڌرين تاريخي ورثي سان ھٿ چراند کي خطرناڪ منصوبو قرار ڏنو. تاريخ تي تمام وڏو پورھيو ڪندڙ عزيز ڪنگراڻي سوشل ميڊيا ذريعي مزاحمت ڪندي چيو ته ھي تاريخي ورثو آھي جنھن کي نقصان پھچايو ويو ته مزاحمت ڪبي. جوهي جي شهرين، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي پاران مطالبو ڪيو آهي ته جوهي جي تاريخي شيوو مندر جو مرمت ڪرائي کيس هندو ڀائرن جي عبادت لاءِ کوليو وڃي کيس نقصان پهچڻ کان بچايو وڃي. هوڏانهن هندو پنچائت دادو جي مکي گرمکداس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مندر ۽ مندر جا 5 دوڪان سيل ڪيا ويا هئا، هڪ مهينو اڳ به مندر جا تالا توڙي اندر مندر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي، اسان وڃي نئون تالو هنيو هو ، ڪالھ وري ٻيهر مندر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي آهي، ڀڃ ڊاھ پٺيان مندر جي پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ آهي، هن چيو ته اڳ به بااثرن پاران مندر جي 10 هزار فوٽ ايراضي تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي به اهي ئي بااثر قبضو ڪرڻ جي چڪر ۾ مندر کي ڊاهڻ چاهين ٿا، اسان ڊي سي دادو سان رابطو ڪيو آهي، اڄ ڊي سي سان وڃي مندر کي سيل ڪرائينداسين. جڏهن ته ڪجھ عرصي لاء مندر جي سار سنڀال جي ذميواري ادا ڪندڙ انيل ڪمار پنھنجي اخبار کي ٻڌايو تـ ٽي سال اڳ انھي ڌر جو تڪرار ٿيو ھيو جتي اسٽنٽ ڪمشنر جوھي فيصلو ڪيو تـ مندر لڳ رھندڙ خاندان کي متبادل 2000 ڦوٽ پلاٽ ڏنو ويندو انتظاميه ٽن سالن ۾ کين پلاٽ ناھي ڏنو، جنھن ڪري وري مندر تي چڙھائي ٿي آھي. اصل ذميوار روينيو انتظاميه ۽ جوھي پوليس آھي جنھن گرفتار شخص کي چريو قرار ڏيئي آزاد ڪيو آھي. ٻئي پاسي قديم آثارن واري کاتي جي ڊي جي عبدالفتاح شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس ھڪ وڊيو ملي ھئي جنهن کي ڏسي ھن ڊي سي دادو کي ڪارروائي لاء لکيو ھو ۽ ڊي سي جي چوڻ تي اي سي جوھي اتي ڪارروائي ڪري ـ ملوث شخص کي گرفتار ڪرايو آھي پر چون ٿا ته اھو ذھني مريض آھي۔ وڌيڪ ڪارروائي مقامي انتظاميا ڪري رھي آھي.
مندر ڪمرشل ايريا ۾ هجڻ ڪري بااثرن جي نظرن ۾ آيل، وقت به وقت قبضي جون ڪوششون
جوهي: ذريعن موجب شيو مندر ڪمرشل علائقي ۾ ھجڻ ڪري ڪيترن ئي بااثر ماڻھن جون ان تي نظرون آھن جيڪي قبضي جي پلاننگ بـ ڪندا رھيا آھن ڪجھه سال اڳ به ساڳين ماڻھن مندر تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ھئي جيڪا ناڪام ٿي هئي.
3 سال اڳ به قبضي جي ڪوشش ٿي، اي سي رهواسين کي متبادل پلاٽ عيوض مندر خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو
جوهي: شيو مندر ٽي سال اڳ به مبينا قبضي جي ڪوشش ڪئي جنھن تي شھرين جي سخت مزاحمت بعد اسٽنٽ ڪمشنر راڄوڻي فيصلو ڪيو ته دادو جو مکي يا ضلعي انتظاميه مندر جي پلاٽ تي رھندڙ خاندان کي متبادل پلاٽ ڏيندي اھڙي لکت بعد مندر خالي ڪرايو ويو، جنھن تي ڪالهه وري ڀڃ ڊاھ ڊاھ ڪئي ويئي آھي.