جيڪب آباد: ڳوهاري عورت سان زيادتي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار: رمانڊ

0
20
جيڪب آباد: ڳوهاري عورت سان زيادتي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار: رمانڊ
جيڪب آباد: ڳوهاري عورت سان زيادتي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار: رمانڊ

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ اجتماعي زيادتي جي شڪار ٿيل ڳورهاري عورت ش س جي ڪيس ۾ پوليس وڌيڪ هڪ جوابدار ٺارو جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، صدر پوليس گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن شان جکراڻي ۽ واجد لغاري کي سيڪنڊ سول جج جوڊيشنل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس پاران جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت پوليس جو استدعا رد ڪندي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت پاران جوابدارن جي ميڊيڪل ڪرائڻ جي حڪم کانپوءِ پوليس ٻنهي جوابدارن شان جکراڻي ۽ واجد لغاري کي ڊي اين اي  جزا وٺڻ لاءِ سول اسپتال آندو ويو، جتي ٻنهي جوابدارن جا جزا ورتا ويا آهن، جيڪي ڊي اين اي چڪاس لاءِ ڄامشورو ليبارٽري اماڻيا ويندا، اسپتال ۾ موجود جوابدار شان جکراڻي پاڻ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي چيو ته مون کي بيگناھه ڦاسايو ويو آهي، ڏوهي ثابت ٿيان ته وچ روڊ تي گولي هڻي قتل ڪيو وڃي. ٻي طرف صدر پوليس جو چوڻ هو ته اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ ٽئين جوابدار ٺارو جکراڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳ ۾ گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن جو ريمانڊ ورتو ويو، ڊي اين اي چڪاس لاءِ سول اسپتال انتظاميا جوابدارن جا جزا پڻ ورتا، جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا، پوليس موجب ته اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ جاچ هلندڙ آهي، ٽئي جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن، ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل هٿ ڪيا ويندا

هراسان ڪيو پيو وڃي، زندگين کي خطرو آهي: امتياز سرڪي

جيڪب آباد: اجتماعي زيادتي جي شڪار عورت واري واقعي ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي متاثره عورت ش س ۽ مڙس امتياز سرڪي ٻڌايو ته اجتماعي زيادتي واري واقعي کانپوءِ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ صدر ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏنو پوليس 24 ڪلاڪن تائين آسرا ڏئي ڪيس داخل ڪرڻ کان ٽال مٽول ڪندو رهيو جنهن کانپوءِ اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو واقعي جو نوٽيس ورتو محمد ميان سومرو اسان سان رابطي کانپوءِ ايس ايس پي صدام خاصخيلي سان رابطو ڪيو ان جي فوڪل پرسن وڪيل نثار مغيري سان گڏجي ايس ايس پي سان ملاقات ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ايس ايس پي جي حڪم تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسان جي خاندان کي هراسان ڪيو پيو وڃي جنهن سبب اسان جي زندگي کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

واقعي خلاف هيومن رائيٽس ۽ سوشل فورم جو جلوس، ڌرڻو

جيڪب آباد: ھيومن رائيٽس ۽ سوشل ميڊيا فورم طرفان جيڪب آباد ۾ اجتماعي زيادتي جي شڪار عورت کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هڪ احتجاجي جلوس شهيد الهه بخش سومرو پارڪ کان معاويه بنگلاڻي، وقار کوکر، راحيل احمد منگي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو، اڳواڻن پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو،  سندن چوڻ هو ته واقعو  انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي، عورت سان زيادتي واري ڪيس ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي

سياسي سماجي اڳواڻ پورهيت جي گهر پهتا، مدد جي خاطري

جيڪب آباد: ايم اين اي  اعجاز حسين جکراڻي جي حڪم تي سندس ڀاءُ خالد جکراڻي پ پ ضلعي صدر لياقت لاشاري ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جو پٽ محسن سرڪي متاثره عورت جي گهر پهچي همدردي جو اظھار ڪيو ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي

جيڪب آباد ۾ افسوسناڪ واقعو، معصوم نينگري سان مبينا زيادتي

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هڪ ٻئي نياڻي سان زيادتي، پوليس پاران واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش، سول لائن ٿاڻي جي ڪامورا لائن واسڻ 14 ورهين جي نياڻي سان زيادتي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پوليس کي وارثن پاران شڪايت ڪئي وئي پر ان باوجود پوليس معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، ذريعن موجب  14 ورهين جي نياڻي کي اڻڄاتل جوابدارن کڻي وڃي آباد ٿاڻي جي حد ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ وارثن پوليس کي شڪايت ڪئي، جڏهن ته متاثر ڌر کي ايس ايس پي صدام خاصخيلي پاڻ وٽ گهرائي تفصيل ورتا متاثره نياڻي جي ميڊيڪل به ڪئي وئي آهي پر ان باوجود پوليس سڄي معاملي کي ميڊيا کان پري رکيو آهي، سول لائن ٿاڻي تي آيل ميڊيا کي ڪوريج کان روڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ پوليس آفيسر نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ڪامورا لائن جي رهواسڻ سان زيادتي جي رپورٽ سامهون آئي آهي ان متاثرہ نياڻي جو ميڊيڪل به پڻ ڪرايو ويو آهي

جيڪب آباد: زيادتي ڪوشش شڪار شاگردياڻي جي وارثن کي ڌمڪيون

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مهينو اڳ اسڪول ويندي مئٽرڪ جي شاگردياڻي ز لاشاري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، شاگردياڻي جي رڙين تي وارثن هڪ جوابدار زاهد جکراڻي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن واقعي جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي شاگردياڻي جي پيءُ محمد علي لاشاري جي فرياد تي زاهد جکراڻي خلاف داخل ڪيو ويو هو جوابدار زاهد جکراڻي ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ هاڻي متاثره شاگردياڻي جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ شاگردياڻي جي وارثن ڪوئيٽا روڊ تي پٿر موڙ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي جي والد محمد علي لاشاري چيو ته مهينو اڳ ڌيءَ اسڪول وڃي رهي هئي ته جوابدار ان سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جوابدار زاهد جکراڻي ۽ ان جا مائٽ اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي