جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان گوليون هڻي ۽ عورت گهٽا ڏئي قتل

0
45

جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان گوليون هڻي ۽ عورت گهٽا ڏئي قتل

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالمجيد جکراڻي ۾ اڻڄاتل جوابدارن ڪارنهن تهمت هيٺ زرعي زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان صادق جکراڻي کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو جوابدارن عورت ڪريمان کي گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻئي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن اسپتال ۾ موجود مقتول جي پيءُ وندر جکراڻي ٻڌايو ته جوابدار مور، عبدالرشيد، ظهور، ساماڻو ۽ هڪ اڻڄاتل ڪارنهن تهمت هيٺ پٽ کي بندوق جو فائر ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو جوابدار فرار ٿي ويا آهن

جڏهن ته اسپتال ۾ مقتولڻ ڪريمان جي ڀاءُ ٻڌايو ته ڀيڻ کي زميني تڪرار تان قتل ڪيو ويو آهي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث مڙهه کڻائي گهر پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن سبب پيش آيو جوابدار ڏير پنهنجي ساٿين سان نوجوان صادق جکراڻي کي قتل ڪيو جوابدارن عورت کي گهٽا ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن وڌيڪ واقعي جو جاچ ڪري رهيا آهيون