اسرائيل جي جنگي جهازن جا لبنان ۾ ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا، حزب الله پاران به اسرائيل تي جوابي حملا، وچ اوڀر ۾ هڪ نئين جنگ شروع ٿي وئي
اسرائيل فوج پاران لبنان ۾ حزب الله جي هڪ سئو راڪيٽ لانچرز کي نشانو بڻائي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته انهن لانچرز ذريعي اسرائيل تي حملن جون تياريون ڪيون پئي ويون
حزب الله جي ڪمانڊر حسن نصرالله جي خطاب دوران اسرائيل پاران لبنان تي حملا شروع ڪيا ويا، بيروت تي اسرائيلي جيٽ جهازن جي حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيڻ جا اطلاع
حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيل تي اهڙا جوابي حملا ڪنداسين جيڪي هنن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندا، پيجرز ۽ واڪي ٽاڪي حملن ۾ مارجي ويل لبنانين جو اسرائيل کان سخت پلاند ورتو ويندو
حزب الله پاران به اسرائيل تي جوابي راڪيٽ حملا ڪري اسرائيلي ٺڪاڻا تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، حزب الله جي حملن ۾ 15 اسرائيلي فوجي مارجي وڃڻ جا اطلاع
اسرائيل جي دفاع واري وزير يووا گيلنٽ چيو آهي ته حزب الله کي اسرائيل تي حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، حزب الله حملا بند نه ڪيا ته فوجي ڪارروائين جو دائرو اڃا وڌايو ويندو، برطانيا ۽ فرانس پاران ٻنهي ڌرين کي فوري جنگبندي جي اپيل