بيروت/ غزه (م ڊ) جنگبندي معاهدي تحت ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوج جي نڪرڻ واري ڊيڊ لائن گذري وئي آهي، جنهن کان پوءِ گھرن ڏانهن موٽندڙ لبناني شهرين تي اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري 22 شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. لبناني حڪومت موجب اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 124 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. لبناني صحت واري وزارت موجب شهيدن ۾ هڪ فوجي اهلڪار ۽ 6 عورتون به شامل آهن. اسرائيلي فوج 19 سرحدي ڳوٺن ۾ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽندڙ شهرين کي نشانو بڻايو. ياد رهي ته جنگبندي معاهدي تحت اسرائيل کي ٻن مهينن اندر ڏکڻ لبنان مان نڪرڻو هو، پر اسرائيلي فوج ڪجه ڏينهن اڳ ڏکڻ لبنان ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسرائيلي فوج جي انڪار باوجود لبناني شهرين ڪلاهه لبنان ۾ پنهنجي گھرن ڏانهن واپسي شروع ڪري ڇڏي هئي. عرب ميڊيا موجب ڪيترين ئي جاين تي لبناني فوج پاران ٺاهيل چيڪ پوسٽن ۽ رنڊن کي لبناني شهري پار ڪري پنهنجي علائقن ڏانهن وڃڻ لڳا آهن. مارون الراس واري علائقي ۾ لبناني عوام اسرائيلي ٽينڪن ۽ فوجين جي آڏو به اچي ويا هئا. هوڏانهن بي بي سي جي رپورٽ موجب غزه پٽي ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي ويو آهي.حماس جي حراست ۾ چئن اسرائيلين ۽ اسرائيلي جيلن مان 200 فلسطيني قيدين جي آزادي ٿي چڪي آهي. پر جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد جي ڪوشش ۾ نئيون رنڊڪون پيش اچي رهيو آهن، ڇو جو اسرائيل مغوي شهري اربيل يهود جي آزادي بابت تڪرار جي ڪري لکين فلسطينين جي تباهه ٿيل گھرن ۾ واپسي تي اعتراض ڪري ڇڏيو آهي ۽ فلسطينين کي اتر غزه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسرائيل شرط رکيو هو ته ڏکڻ ۽ اتر غزه کي ڌار ڪندڙ راهداري کولڻ لاءِ ان يرغمالي کي آزاد ڪيو وڃي. حماس اڳواڻن تصديق ڪئي آهي ته شهري يهود جيئرو ۽ صحت مند آهي، کيس ايندڙ هفتي آزاد ڪيو ويندو.