غزه/ تل ابيب/ بغداد(م ڊ) اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 60 فلسطيني شهيد ٿي ويا، 31 هزار لبناني پناهه لاءِ شام پهچي ويا، يهودي فوج الاقصيٰ اسپتال جي اڱڻ ۾ پناهگيرن مٿان بم وسائي ڏنا، جباليه ڪيمپ، دير البلاح ۾ به بمباري ڪئي وئي
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ۽ اتحادين جي تجويز رد ڪندي جنگ ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسرائيلي حملن جي جواب ۾ حوثي باغين جي حملن ۾ آمريڪي سامونڊي ٻيڙي جو آئل ٽينڪر جزوي طور تي تباهه ٿي ويو
آمريڪا طرفان ان جي تصديق ڪئي وئي. حوثين جي ميزائل حملن کانپوءِ تل ابيب ۾ سائرن وڄي ويا، خوف مان ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، هر طرف خوف وهراس ڇانئجي ويو
هوڏانهن عراقي سرزمين تان به اسررائيل تي ٽيون ڀيرو حملو ڪيو ويو، گولان جي جبلن ڊرون ڪيرايا ويا آهن.