تهران/ بيروت/ تل ابيب/ واشنگٽن(م ڊ) ايران حسن نصرالله جي شهادت جي پلاند ۾ سخت رد عمل ڏيندي اسرائيل تي نيٺ وڏو حملو ڪري ڏنو، 400 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر تل ابيب تي ڪيا ويا
لبنان طرفان اسرائيل تي بمباري ڪئي وئي، علائقا ڌماڪن سان گونجي اُٿيا، شديد فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا. 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، والاريل بيت المقدس ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي وئي
قطري خابرو اداري الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج ٻڌايو ته ايران ۾ ميزائل فائر ڪيا پوري ملڪ سائرن ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، اسرائيلي جنگي ڪابينا هنگامي اجلاس سڏائي ورتو
رم الله مان رپورٽ ڪندي فلسطيني صحافي محمد خيري موجب آسمان ۾ ڪيترائي ميزائل اولهه طرف والاريل بيت المقدس ۽ اسرائيل طرف ويندي ڏٺا، اسرائيلي فوج پنهنجي سمورين شهرين کي محفوظ هنڌ تي وڃڻ جو چئي ڇڏيو، ايراني ميزائلن جو هدف اسرائيلي گادي وارو هنڌ تل ابيب هو
اسرائيلين ۾ جنگ جو خوف طاري ٿي ويو، يهودي کائڻ پيئڻ وارين شين ۾ ڪٺي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، نيتن ياهو پنهنجي ڊنل عوام کي آسرا ڏيڻ ۾ لڳي ويو
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي عوام کي چوڪس رهڻ جو چوندي چيو ته اسرائيل جي جي عوام!! اسان ايران سان جنگ جي حالت ۾ آهيون، آئون توهان کي ٻين شين تي عمل ڪرڻ جو چوان ٿو هڪ ته فوج جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪريو ٻيو اتحاد سان رهو. اسرائيل جنگي ڪابينا جو اجلاس سڏائي ورتو، آمريڪي صدر به قومي سلامتي ٽيم جي به گڏجاڻي گهرائي ورتي
اسرائيل تي حملو اسماعيل هنيه ۽ حسن نصرالله تي حملي جو بدلو آهي: پاسدارانِ انقلاب
هوڏانهن ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران ۽ اصفهان جي آسمان تان پروجيڪٽائل ڏٺا ويا، ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، اسماعيل هنيه ۽ حسن نصرالله جي شهادت جي پلاند لاءِ حملا ڪيا آهن. آمريڪا ۽ اسرائيل ۾ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيا ويا، اسرائيل ۾ سمورن هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن معطل ٿي ويو، آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي دفاع لاءِ تيار آهيون. اسرائيلي فوج چيو آهي ته تهران کي ان حملي جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز اسرائيلي حڪومت ۽ آمريڪي عملدارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو هو ته ايران ڪجهه ڪلاڪن ۾ اسرائيل تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي