ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گھٽتائي آڻي 17.5 مان 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ڪالهه اسٽيٽ بينڪ پاران 2 مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ وياج جي شرح کي 17.5 مان گھٽائي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميد کان وڌيڪ تيزي سان گھٽ ٿي آهي، آڪٽوبر ۾ اها پنهنجي وچولي مدي واري هدف جي ويجهو پهچي وئي آهي، اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ نئين پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان غير يقيني صورتحال ختم ٿي وئي آهي، پرڏيهي ناڻي جي آمد جا امڪان بهتر ٿيا آهن. اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته آڪٽوبر جي سروي ۾ صارفين ۽ ڪاروباري اعتماد ۾ بهتري ۽ مهانگائي جي اميدن ۾ گهٽتائي ظاهر ڪئي وئي آهي، پاليسي م چيو ته مالي سال جي پهرين 4 مهينن (جولاءِ کان آڪٽوبر ) ۾ٽيڪس وصولي حدف کان گهٽ رهي، اسٽيٽ بينڪ موجب وياج ۾ گهٽتائي معاشي استحڪام کي مضبوط ڪندي، پائيدار بنيادن تي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. اسٽيٽ بينڪ موجب جون 2025ع تائين مهانگائي جي شرح 5 کان 7 سيڪڙو رهندي، ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ پاران وياج جي شرح ۾ 250 پوائنٽس گهٽتائي خوش آئند آهي. انهي سان ڪاروباري سرگرميون، ايڪسپورٽ ۽ روزگار جا موقعا وڌندا. واضح رهي ته سيپٽمبر مهيني ۾ به اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي هئي