جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو ) جيڪب آباد ۾ مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل ليڊي پوليو ورڪر ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، جيڪب آباد ۾ گذريل ڏينهن مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل ليڊي پوليو ورڪر ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو
متاثر ليڊي پوليو ورڪر پاران جوابدار احمد عرف انبي جکراڻي خلاف ڦر جي ڪوش ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل
ذريعن موجب متاثر ليڊي پوليو ورڪر دٻاءُ سبب زيادتي واري موقف تان هٿ کڻي وئي آهي
ذريعن موجب وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ڊبليو ايڇ او جي نوٽيس بعد ضلعي انتظاميا عورت تي دٻاءُ وجهي زيادتي واري معاملي تان هٿ کڻايو
ڪيس ۾ عورت موقف اختيار ڪيو ته ڳوٺ الهه بخش جکراڻي ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ پهتاسين احمد عرف انبي پسٽل ڪڍي مٿي تي رکيو
عورت جو موقف هو ته جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏنيون، مون کي جنسي طور حراسان ناهي ڪيو ويو، انصاف ڪيو وڃي
گذريل ڏينهن پوليو ورڪر سان زيادتي جي اطلاع تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهچي کيس بازياب ڪرايو هو
ذريعن موجب متاثره عورت سان مبينا زيادتي جي معاملي تان جزا پڻ ورتا ويا هئا، ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي زيادتي جي تصديق ڪئي هئي
ٻئي پاسي سيشن جج پاران پوليو ورڪر سان مبينا زيادتي واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي، ڊي ايڇ او ۽ ايس ايڇ او کي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو
سيشن جج پاران ايس ايس پي، ڊي ايڇ او ۽ ايس ايڇ او کي 13 سيپٽمبر تي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم
ايس ايس پي کي پوليو ورڪر کي مليل سيڪيورٽي، ڊيوٽي تي موجود اهلڪارن جي نالن سميت رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو
ڊي ايڇ او جيڪب آباد کي پوليو ورڪر بابت مڪمل رڪارڊ فراهم سميت پيش ٿيڻ جو حڪم، ايس ايڇ او مولاداد کي ايف آئي آر ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ جي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم
هي به پڙهندا
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن هٿان پوليو ٽيم يرغمال، عورت سان اغوا بعد مبينا طور زيادتي