“سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور!”: ميرپور خاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مظاهرو، بک هڙتال

0
31
“سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور!”: ميرپور خاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مظاهرو، بک هڙتال
“سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور!”: ميرپور خاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مظاهرو، بک هڙتال

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪرپشن، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪري  احتجاج مظاھرو ڪيو، اڳواڻن مرڪزي نائب صدر ناھيد جوڳي، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي جنرل سيڪريٽري صبا سمون، بختاور چنڊ، ميڻي ڪولھي، جميلا لغاري، پروين لغاري، نجمه آرائين سميت ٻين چيو ته گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب سنڌو درياھ کي قيد ڪري رھيو آھي. وزيراعظم شھباز شريف ۽ صدر آصف زرداري ٻڌائين ته توھان کي ڪئنال کپن يا پاڪستان کپي، پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي، نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ٿين ٿيون، ٿرڪول جي بجلي مان پنجاب ۾ 2 يونٽ فري ڏني وڃي ٿي پر ٿرپارڪر جا ھزارين ڳوٺ بجلي سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن، ڪوھستان، ڪراچي، ساحلي پٽي سميت وڏن شھرن جون زمينون لينڊ مافيا جي حوالي آھن، آصف زرداري کي فوري طور تي استعفيٰ ڏيڻ گھرجي. سنڌ جي مفادن خلاف ڪو به فيصلو يا منصوبو قبول ناھي، سنڌ جي عورتن کي پنھنجن ڀائرن، پٽن ۽ نياڻين سان گڏجي پنھنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ھر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا وڪڻي رھي آھي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم قبول ناھي، وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪو نه آھن، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رڳو آبادگارن جو ناھي، ھي ھر شھري جو مسئلو آھي، سنڌ کي جي ڪو ٿورو گھڻو پاڻي ملي ٿو اھو به بند ٿي ويندو. سنڌ ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويندي. صرف سوشل ميڊيا تي دانھڻ سان، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل ڪونه ٿيندا. سنڌياڻي تحريڪ درياھ تي ڌاڙي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آھي، مطالبن جي مڃتا تائين جاري رھندي.