سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) تعليمي بورڊ سکر ميٽرڪ سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، نتيجن ۾ پھرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن شاگردن پنهنجي نالي ڪري ورتي، ڪا به شاگردياڻي پوزيشن حاصل نه ڪري سگهي، ٽئي پوزيشنز سکر ضلعي جي نجي اسڪولن سان تعلق رکندڙ شاگردن حاصل ڪيون، ڪنهن به سرڪاري اسڪول سان تعلق رکندڙ شاگرد کي پوزيشن نه ملي سگهي، تفصيل موجب تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرولر امتحانات عبدالفتاح مهر جي صحي سان جاري ڪيل نتيجن موجب پهرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن سکر ضلعي جي رهواسي نوجوانن حاصل ڪئي، سکر جي هواسي محمد احمد سمون 1024 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ساڳي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمد احمد شيخ 1023 مارڪون کڻي ٻئي ۽ محمد اسد انڍڙ ۽ محمد رفيق گهڃو 1020 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ 50139 اميدوارن، جن ۾ 34483 مرد ۽ 15649 عورت اميدوارن حصو ورتو، جن مان مجموعي طور تي 46588 اميدوار پاس ۽ 3531 اميدوار فيل ٿيا ۽ 13 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن جي ڪري روڪيو ويو، مجموعي طور تي پاسنگ ريشيو 92.93 سيڪڙو رهيو، مرد اميدوارن جو پاسنگ ريشو 91.02 سيڪڙو ۽ عورت اميدوارن جو پاسنگ ريشو 97.15 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته ميٽرڪ سائنس جي نتيجن ۾ 3907 اميدوارن اي ون گريڊ حاصل ڪيو، 19165 اميدوار اي گريڊ، 16869 بي گريڊ، 6254 اميدوارن سي ۽ 393 اميدوارن ڊي گريڊ حاصل ڪيو، جنرل گروپ ۾ 2851 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جن مان 2486 اميدوار پاس ۽ 262 اميدوار فيل ٿيا، جڏهن ته 102 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن جي ڪري روڪيو ويو.
سائنس ۾ خيرپور جون سڀ کان وڌيڪ شاگردياڻيون شامل
سکر: ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ سڀ کان وڌيڪ شاگردياڻين حصو ورتو، خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ 7 هزار 754 عورت اميدوارن ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ امتحان ڏنو، ٻئين نمبر تي سکر ضلعي سان تعلق رکندڙ 4 هزار 998 عورت اميدوار ۽ ٽئين نمبر تي سڀ کان گهٽ گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ 2 هزار 897 عورت اميدوارن ميٽرڪ سائنس جي امتحانن ۾ حصو ورتو
ميٽرڪ سائنس امتحان ۾ ٽوٽل 3531 اميدوار ناپاس ٿيا
سکر: ميٽرڪ سائنس جي امتحان ۾ مجموعي طور تي 3531 اميدوار فيل ٿيا، جن مان سڀ کان وڌيڪ 3 هزار 89 مرد اميدوار شامل آهن، جڏهن ته صرف 442 عورت اميدوار ميٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ڄاڻايون ويون آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ فيل ٿيندڙن ۾ 632 مرد، 86 عورت اميدوار، خيرپور ضلعي ۾ 1929 مرد اميدوار ۽ 237 عورت اميدوار، سکر ضلعي ۾ 528 مرد اميدوار ۽ 119 عورت اميدوار ميٽرڪ سائنس جي امتحان ۾ فيل ٿيون آهن
سکر واسڻ مريم سومرو 1014 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي
سکر: تعليم بورڊ سکر جي امتحانن ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ سان تعلق رکندڙ شاگردياڻين ۾ سکر جي رهواسڻ مريم توقير سومرو 1014 مارڪون کڻي پهرين، گهوٽڪيءَ جي رهواسڻ خديجه ڌي اسد علي ميراڻي 1012 مارڪون کڻي ٻئين ۽ خيرپور جي رهواسڻ عائشه ڌيءَ اياز احمد سهتو 1011 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي
50 هزار 139 اميدوارن مان 7 ڄڻا امتحان ۾ غير حاضر رهيا
سکر: تعليمي بورڊ سکر جي انتظامن هيٺ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ سان تعلق رکندڙ 50 هزار 139 اميدوارن ميٽرڪ سائنس ۾ امتحانن لاءَ رجسٽريشن ڪرائي، جن مان 7 اميدوار غير حاضر رهيا، امتحانن ۾ مجموعي طور تي 34 هزار 483 مرد اميدوارن ۽ 15 هزار 649 عورت اميدوارن حصو ورتو