سنڌ ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، گهر ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ ماءُ پٽ سميت 8 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا
دودا پور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مکڻو منگي ۽ سندس ماءُ ميهر خاتون دٻجي فوت، هڪ ڄڻو زخمي، بخشاپور جي ڳوٺ نيو بلند ڀٽو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت اميران زال رفيق ڀٽو دٻجي دم ڏنو، 5 ٻارڙا زخمي ٿي پيا
لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ رحيم بخش بگٽي ۾ وٿاڻ جي ڇت ڪرڻ سبب 45 ورهين جو اياز بگٽي فوت، 2 ڄڻا زخمي، باقراڻي ڀرسان ڳوٺ انب شيخ ۾گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35 ورهين جو ارباب شيخ فوت ٿي ويو سندس پٽ اسد شيخ زخمي ٿي پيو
لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني ۾ 7 سالن جو ٻارڙو جواد چانڊيو گهر ٻاهران برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 9 ورهين جو مدثر سرهيو حياتي وڃائي ويٺو
گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ سوائي چانڊيو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ناري نويدان چانڊيو فوت ٿي ويو 8 ڀاتي زخمي ٿي پيا
سکر جي مختلف علائقن ۾ 5 گهر ڪرڻ سبب 8 ڄڻا زخمي، سکر جي المدينه ڪالوني ۾ اڍائي سالن جو ٻارڙو يونس سومرو برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو
چوماسي جي برساتن سنڌ کي جل ٿل ڪري ڇڏيو، ننڍا وڏا شهر توڙي ڳوٺ ٻڏي ويا، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، ايف بي ايريا، بفرزون، ناظم آباد ۽ سرجاڻي ۾ تيز برسات، گلشن اقبال، نيپا، گلستان جوهر ۽ ٻين هنڌن تي ڦڙ ڦڙ، جيڪب آباد ۾ طوفاني برسات جاري، انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي سمورن علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو
ٺل، مبارڪپور، ڳڙهي خيرو ۽ دوداپور به برسات سبب سخت متاثر، سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو شهر ٻڏي ويا، فيض گنج، اڪري چودڳي، پير وسڻ ۽ ڪوٽڏيجي ۾ به برسات سبب زندگي مفلوج ٿي وئي، گمبٽ ۾ طوفاني برسات بعد گمس سٽي اسپتال جي سمورن وارڊن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، مريض رُلي ويا
باڊهه، ڏوڪري، باقراڻي، ڳيريلو، رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ وسڪارن تباهي آڻي ڇڏي، شهدادڪوٽ، بهرام، سجاول جوڻيجو، قمبر، وڳڻ، وارهه، لعلو رائنڪ، گاجي کهاوڙ ۽ نصيرآباد ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو جاري، پاڻي گهرن توڙي گهٽين ۾ داخل، زندگي جو ڪار وهنوار سخت متاثر ٿي ويو
گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، مريد شاخ ۽ ڀرپاسي برسات، گڊو، ڪشمور، بخشاپور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ ڪرمپور ۾ وسڪارو، روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، ميان صاحب، همايون ۽ شڪارپور ۾ برسات ماڻهن جا اهنج وڌائي ڇڏيا
ميهڙ، فريد آباد، ڪي اين شاهه، ڪڪڙ، پيارو ڳوٺ، سيتا روڊ، واهي پانڌي ۽ دادو ۾ وسڪارو، ماڻهو گهرن تائين محدود، مورو، مٺياڻي، نوان جتوئي، نوان جتوئي، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، پڊعيدن، محرابپور، خانواهڻ، ڪنڊيارو ۽ ٺارو شاهه ۾ برسات
روڊ رستا پاڻي هيٺ، قاضي احمد، دريا خان مري، دولت پور صفن، جمال شاهه، منهڙو، ٻانڌي ۽ سٺ ميل ۾ برسات، وونئڻ جي تيار فصل کي نقصان، سيوهڻ، آمري، سن، مانجهند ۽ ڪوهستان ۾ به برسات، مختلف نئيون وهي آيون
برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻي هيٺ، بجلي توڙي مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو