سنڌ ۾ ديسي ٻجن جو صفايو: ٻين صوبن مان ايندڙ هائبرڊ سيڊز جاءِ والاري ورتي، هاري ناري پرڏيهي ٻِسَر ٻجن جا محتاج

0
30
سنڌ ۾ ديسي ٻجن جو صفايو: ٻين صوبن مان ايندڙ هائبرڊ سيڊز جاءِ والاري ورتي، هاري ناري پرڏيهي ٻِسَر ٻجن جا محتاج
سنڌ ۾ ديسي ٻجن جو صفايو: ٻين صوبن مان ايندڙ هائبرڊ سيڊز جاءِ والاري ورتي، هاري ناري پرڏيهي ٻِسَر ٻجن جا محتاج

ٽنڊوڄام(رپورٽ : اظهر لوچي ) ملڪ جي زراعت تي هائبرڊ ٻجن قبضو ڪري ورتو، سنڌ صوبي ۾ ٻاهرين صوبن مان ايندڙ ھائبرڊ ٻجن تباهي مچائي ڇڏي، ڏهاڪن کان اسان جي جياپي جو سبب بڻيل موروثي ٻج زوال جو شڪار بڻجي ويا، مارڪيٽ ۾ ديسي ٻجن کي ڪير پڇڻ وارو ڪونهي، زراعت هائرڊ ٻجن جي محتاج بڻجي ويئي، رپورٽ موجب سنڌ سميت ملڪ ۾ هائبرڊ ٻجن ديسي ٻجن جي جڳهه والاري ورتي آهي ۽ ملڪ ۾ 90 سيڪڙو فصل هائبرڊ ٻجن ذريعي پوکيا پيا وڃن ۽ پرڏيهه مان ايندڙ ٻسر ٻج هاڻي اسان جي زراعت واري شعبي ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن ڪري اسان جي زراعت هاڻي پرڏيهي ٻجن جي محتاج بڻجي وئي آهي، سنڌ ۾ ڪيلي، سورج مکي، ٽماٽي، مڪئي، پپيتي، سرنهن، سارين، ڀاڄين، مرچن، دالين، جوئر، ٻاجهري، چڻن سميت ڪيترين زرعي فصلن، فروٽن، ڀاڄين ۽ تيلي ٻجن ۾ هائبرڊ سيڊ ڪاهي پيو آهي، جنهن سبب ديسي، سنڌي توڙي ڏيهي موروثي ٻجن جي پوکائي نالي ماتر رهي وئي آهي، اهڙن فصلن ۾ پرڏيهي ٻسر ٻڄن جي رواج سبب تحقيقي ادارن ۾ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند سميت چند ڀاڄين، دالين جي ٻجن کانسواءِ ٻين ٻجن تي تحقيق بجاءِ هائبرڊ ٻجن تي ڀاڙڻ واري عادت پئجڻ شروع ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ڪڻڪ ۽ ڪپهه ۾ به هائبرڊ سيڊ تيار ٿي چڪا آهن، خاص طور تي ووئنڻ ۾ هائبرڊ ٻجن جي تيزي سان تياري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪڻڪ ۾ به هڪ ٻن ٻجن جي تيار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عام آبادگار توڙي مثالي آبادگار به وڌيڪ پيداوار ۽ جلدي فصلن حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ نج ديسي ٻجن ڏانهن نهارڻ به ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جي ڪري اسان جا روايتي ٻج ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪو هڪ الميي کان گهٽ ناهي، سنڌ ۾ خاص طور تي ڀاڄي پوکي ڪندڙ علائقن جن ۾ خاص طور تي سلطان آباد، خواجه اسٽاپ. ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، سکر، محرابپور، ڪنري، لاڙڪاڻي، بدين سميت ڪيترن علائقن ۾ ڀينڊي، گوار، ميها، مرچ، موري، سائي توري، ٽماٽر، ڪريلي، گوبي، ٻئي طرف دالين، چڻن، مڪئي سميت اڪثر شين جا هائرڊ ٻج ملڪ ۾ امپورٽ ٿي اچن ٿا، اهڙن فصلن ۾ هائبرڊ ٻجن وسيلي جلد پيدوارا لهڻ ۽ في ايڪڙ پيداوار جي لالچ سبب سنڌ ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پوکي هائبرڊ ٻجن ۾ ٿي رهي آهي، اهري ريت چانور پيدا ڪندڙ سنڌ جي اترئين علائقن ۽  ڏاکڻين علائقن ۾ چانور جي فصلن ۾ هائبرڊ ٻج باضابطه حاوي ٿي ويا آهن.  آڳاٽي دور ۾ ڪنهن به زرعي فصل خاص طور تي ڀاڄين جي پوکي بعد ان جي پيداوار ڪيترن مهينن تائين کنئي ويندي هئي، اهڙي ريت ان فصلن جي ڪجهه حصن جي بهتر ٻوٽن کي ڇڏيو ويندو هو، جن کي ٻج طور ان کي سنڀالي رکيو ويندو هو، اهو ٻج ايندڙ سال زمين ۾ پوکيو ويندو هو، اهڙي ريت نج ٻج طور ٻج جي ضرورت به پوري ڪئي ويندي هئي، پر هائبرڊ ٻج اچڻ بعد سنڌ جو آبادگار هاڻي هائبرڊ ٻج جو محتاج بڻجي ويو آهي.ماهرن موجب هائبرڊ ٻج ۾ اسان جي ديسي يا او پي ٻجن جي ڀيٽ ۾ ذائقو گهٽ ۽ ان جي پروٽينز ۽ توانائي ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو، جڏهن ته اهڙا ٻج هڪ دفعو پوکجڻ کانپوءِ ٻيهر پوکڻ جي قابل ناهن رهندا.

زرعي تحقيقاتي اداري پاران هائبرڊ ٻجن جي مخالفت

ٽنڊوڄام : ٽائيم نيوز تي نشر  ٿيل خبر بعد سنڌ زرعي تحقيقي ادارو حرڪت ۾ اچي ويو، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ خبر جو نوٽيس وٺندي سندس ٽيم کي هدايت جاري ڪندي چيو ته فوري طور تي سنڌ جي فصلن ھائبرڊ ٻجن تباهه ڪيو آهي، جائزو وٺو، هنن نوٽيس وٺندي چيو ته اسان جو زرعي تحقيقي ادارو ھائبرڊ ٻج جي خلاف آهي، هنن سختي سان هدايت جاري ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ھائبرڊ ٻجن تباهي ڪري ڇڏي آهي، ادارا سچائي سان ڪم ڪن ته اسان کي ٻاهرين صوبن مان ٻجن جي ضرورت نه پوندي، هن چيو ته زرعي تحقيقي اداري نئين جنسن تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي،جلد سنڌ ۾ ووڻن، ڪپهه، ڪمند، سارين، ڪڻڪ سميت ٻئي جنسون متعارف ڪرائي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، هن نوٽيس وٺندي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نئين جنسن جي حوالي سان رجسٽريشن واري عمل کي جلد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ٻئي پاسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ اسلم نواز مري چيو ته سنڌ صوبي ۾  ٻاهرين صوبن مان ايندڙ ٻجن تباهي مچائي ڇڏي، سنڌ ۾ ڪپهه جو فصل گهٽ لهڻ سبب ايندڙ ڪپهه جي سيزن ۾ ٻج جي فقدان جو خدشو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زوردار برسات سبب فصل ۾ سخت متاثر ٿئي وئي آهي، سنڌ ۾ نئين جنسن جي رجسٽريشن جو عمل به سستي جو شڪار ٿئي ويو آهي، هن چيو ته پنجاب کان ايندڙ هائبرڊ ٻجن سنڌ جي آبادگارن کي وڌيڪ پيداوار جا خواب ڏيکاريندي سندس غير معياري ٻج ڏئي فصلن کي تباهه ڪيو آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ٻاهرين ملڪن کان سنڌ ۾ ايندڙ جنسون موسمي هڪجهڙائي نه هجڻ  پيدوار سخت متاثر ٿيون آهن، سنڌ جا زرعي تحقيقاتي اداران سنڌ لاءِ نيون جنسون نه متعارف ڪرائي سگهيا آهن، هن چيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن پاران ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ٻجن جي مانٽرنگ نه ڪرڻ سبب سنڌ جا آبادگارن جا فصل سخت متاثر ٿئي ويا آهن، هن الزام هڻندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن پاران 75 سيڪڙو پنجاب جي جنس kk 111 لڳائي، شديد گرمي ۽ غير معياري هجڻ ۽ نان اپورل هجڻ ڪري سنڌ ۾ ووڻن جو فصل جي پيداور متاثر، ايندڙ سال ٻج جو وڏو فقدان ٿيڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ غير رجسٽرڊ کي رڳو سنڌ ۾ ٽرائل بيسڪ تي لڳايو وڃي، سنڌ جا زرعي تحقيقي ادارا سنڌ جي آبادگارن لاءِ نيون جنسون متعارف ڪرائين، سنڌ آبادگار بورڊ مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد نيون متعارف ڪرائي جنسون سندس ئي زمينن تي لڳائي آبادگارن کي ڄاڻ ڏني وڃي

مثالي آبادگارن ۽ واپارين طرفان هائبرڊ ٻج مورروثي ٻجن لاءِ خطرناڪ قرار

ٽنڊوڄام: مثالي آبادگارن ۽ خاص طور تي ڀاڄيون ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙ واپارين به اهڙن ٻجن کي سنڌ جي مورروثي ٻجن لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي، ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سنڌ ۾ ٻجن جي حوالي سان تحقيق تي توجهه ڏنو وڃي، اهڙا ٻج تيار ڪيا وڃن، جيڪي نه صرف في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڏئي سگهن، پر ان جي تياري ملڪ خاص طور تي سنڌ صوبي جي موسمي وائيي منڊل موجب هجي، جڏهن ته هائبرڊ ٻجن ۾ بهتري آڻي ان کي ديسي انداز ۾ پنهنجي فيلڊن ۾ تيار ڪيو وڃي ته جيئن ٻجن جي گهرجن کي پرو ڪري سگهجي، جڏهن ته پنهنجي ديسي ٻجن کي بچائي سگهجي.

گھٽ بجيٽ: زرعي تحقيقي اداري ۾ نيون جنسون تيار ڪرڻ جو عمل سست

ٽنڊوڄام: پنهنجي اخبار کي ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته سنڌ ۾ تحقيق جي حوالي سان زرعي تحقيقي اداري کي ڪل چار سيڪڙو بجيٽ مس ملي ٿي، جڏهن ته باقي بجيٽ پگهارن، مرمت ۽ خريد فروخت ۾ پوري ٿي وڃي ٿي، جنهن سان زراعت ۾ جديد تحقيق خاص طور تي نيون جنسون تيار ڪرڻ ۽ فصلن کي لڳندڙ بيمارين کي منهن ڏيڻ بابت تحقيق جو ڪم انتهائي سست رفتاري جو شڪار آهي، جڏهن ته محدود بجيٽ ۾ گهربل تحقيقي ڪم مڪمل نه پيو ٿئي، جنهن ڪري تحقيق ڪرڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي، ان حوالي سان ماهرن توڙي تحقيقي ادارن جي ذريعن گهر ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ان جو زراعت واري وزارت کي زرعي تحقيق ۽ خاص طور تي نون ٻجن جي تحقيق جي معاملي ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته زراعت جي ڪل بجيٽ ۾ ريسرچ جي مد ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سيڪڙو بجيٽ رکي وڃي ته جيئن اهڙن تحقيقي ادارن ۾ زراعت ۾ نون ٻجن، فصلن کي لاڳاپيل بيمارين ۽ موسمي تبديلن کي تحقيق وسيلي منهن ڏئي سگهجي.