اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران سان ملڻ نه ڏنو، عدالت قيدين سان ملاقات دوران سياسي ڳالهين تان پابندي هٽائي ڇڏي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملاقاتن تي پابندي بابت به پڇاڻو ڪيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ۾ قيدين جي ملاقات ۾ سياسي ڳالهين تي پابندي کي آئين سان ٽڪراءَ قرار ڏنو، جسٽس سردار اعجاز اسحاق شير افضل مروت جي درخواست تي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ سياسي گفتگو جي شق ڪالعدم قرار ڏني وئي
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قيدين جي سياسي ڳالهين تي بلينڪٽ پابندي آئين جي اظهار راءِ جي آزادي واري شقن سان ٽڪراءَ آهي، عمران سان سياسي اڳواڻن جي ملاقاتن تي پابندي جو ڪارڻ جيل رولز جي اها شق ڄاڻائي وئي هئي جنهن تي شير افضل جيل رولز جي شق 265 ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي
هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عمران سان ملاقات نه ٿي سگهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عدالتي حڪم باوجود باني پي ٽي آءِ سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ هو ته حلفي بيان ڏيو ته سياسي ڳالهه نه ٿيندي، هي دنيا کان لڪائڻ چاهين ٿا ته عمران کي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن
اسد قيصر چيو ته هي فاشسٽ حڪومت آهي پاڻ کي جمهوريت پسند چون ٿا، چونڊيل نمائندن کي پنهنجي سياسي ليڊر سان سياسي ڳالهين کانسواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجي جمهوري حق کان محروم ڪيو پيو وڃي
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي باني سان علي امين گنڊاپور جي ملاقات واري درخواست جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر ٻڌڻي ڪئي
عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور سان ملاقات تي ڪا به پابندي ناهي، جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته اوهان ڏسي وٺو، مستقبل ۾ اهڙي درخواست نه اچي. ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل چيو ته هنن ڪوآردينيٽر مقرر ڪيا آهن. جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته اهو ڪوآرڊينيٽر انتظار حسين پنجوٿا ته اغوا ٿي ويو آهي
ڊپٽي جيل سپريٽينڊنٽ چيو ته نه انهي کان علاوه بئرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا به آهن. ڪوآرڊينيٽر پهريان فيصلو ڪن ٿا، لسٽ اچي ٿي ۽ اسان ملاقات ڪرائي ڇڏيون ٿا
جيل ۾ هاڻي ملاقات به ٿي رهي آهي، جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته ملاقات تي پابندي ڇو لڳائيندا آهيو. ڊپٽي جيل سپرنٽنڊنٽ جواب ڏنو ته گهرو کاتي سيڪيورٽي خدشن سبب پابندي لاڳو ڪندي آهي. عدالت علي امين گنڊاپور جي ملاقات تي پابندي نه هجڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي