عمران خان 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

0
34
26 ترميم، مينڊيٽ واپس ۽ ساٿين جي آزادي:عمران فيصلائتي تحريڪ جو سڏ ڏئي ڇڏيو، 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان
26 ترميم، مينڊيٽ واپس ۽ ساٿين جي آزادي:عمران فيصلائتي تحريڪ جو سڏ ڏئي ڇڏيو، 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جو اعلان

پي ٽي آءِ باني عمران خان 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي دعويٰ، اڊيالا جيل ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته چوري ڪيل مينڊيٽ خلاف ٻاهر نڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ باني 24 نومبر تي احتجاج جو حتمي سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، اهو احتجاج مطالبا پورا ٿيڻ تائين جاري رهندو، پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري جو به چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني 24 نومبر تي فيصلائتي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي، خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته اسان جون احتجاج جون تياريون مڪمل آهن، عليمه خان احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هيل مطالبا تسليم ٿيڻ تائين اسان جي واپسي نه ٿيندي