آءِ بي اي عملدار سچانند سولنڪي پاران سيڪريٽري جي اضافي چارج تان استعيفيٰ

0
13
آءِ بي اي عملدار سچانند سولنڪي پاران سيڪريٽري جي اضافي چارج تان استعيفيٰ
آءِ بي اي عملدار سچانند سولنڪي پاران سيڪريٽري جي اضافي چارج تان استعيفيٰ

آءِ بي اي سکر ۾ وائيس چانسلر آصف احمد شيخ جي سيڪريٽري سچانند سولنڪي وي سي جي اڍنگي رويي خلاف ٽيسٽنگ سروس جي سيڪريٽري واري اضافي چارج تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب 3 ڏينهن اڳ آءِ بي اي سکر ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ وائيس چانسلر آصف احمد شيخ عملدارن کي گهٽ وڌ ڳالهايو، پاڻيءَ جا گلاس، چانهه جا ڪوپ ۽ فائيل اڇلائي هنيا، وي سي جَي سيڪريٽري سچانند سولنڪي اهڙي ورتاءُ تي احتجاج طور ٽيسٽنگ سروس جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سچانند سولنڪي استعيفيٰ سان گڏ هڪ خط لکي يونيورسٽي اختيارين کي سموري وارتا کان آگاهه ڪري ڇڏيو، سچانند سولنڪي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته وي سي عورت آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ گلاس، چانهه جا ڪوپ ۽ فائيل اڇلائي هنيا، هڪ گلاس ڀڄي وي سي جَي پنهنجي هٿ ۾ لڳو ۽ هو زخمي ٿي پيو، وي سي گٿا لفظ ڳالهائيندو ميٽنگ روم مان هليو ويو، سچانند سولنگي خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته اجلاس کان اڳ اهڙو ئي واقعو ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس حميد شيخ سان پيش آيو هو، وي سي کيس ڇڙٻون ڏنيون ۽ گٿا لفظ ڳالهايا، وي سي آصف احمد شيخ جي اهڙي رويي سبب ٽيسٽنگ سروس جي اضافي چارج سنڀالي نٿو سگهان