ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم)سنڌ ڪابينا آءِ بي اي سکر کي ڏيڍ مهيني اندر سڄي سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
ڪالهه اجلاس ۾ آءِ بي اي سکر لاءِ 232.14 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي، وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي سان گڏجي وجيلنس ڪاميٽيون قائم ڪيون وڃن
هن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز (U&Bs) کاتي کي هدايت ڪئي ته انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مستقبل ۾ سمورا امتحاني بورڊ ايم ڊي ڪيٽ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ نتيجن جو اعلان ڪن
وڏي وزير چيو ته عدالتي حڪم موجب امتحان صوبي ۾ اڳ۾ ئي سيکاريل نصاب جي بنياد تي ورتو ويندو. هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته آءِ بي اي سکر جي سهڪار سان MDCAT-24 کي بهتر انداز ۾ ڪرايو وڃي
ذريعن موجب آءِ بي اي سکر ٽيسٽ لاءِ 6000 رپيا في شاگرد گهريا هئا، سنڌ سرڪار پاران فنڊ جاري ڪرڻ بعد شاگرد مفت ۾ ٽيسٽ ڏيندا