هفتي اندر مارچ جي تاريخ ڏيندس، اسان جا ماڻهو واپس نه موٽندا، قربانين لاءِ تيار آهيون: عمران

0
46
ٻاهر نڪرو، 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، خبر پئجي ويندي ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه: عمران
ٻاهر نڪرو، 24 نومبر فيصلي جو ڏينهن آهي، خبر پئجي ويندي ڪير پارٽي ۾ رهندو ۽ ڪير نه: عمران

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ خود مڪمل تياري سان مارچ جي تاريخ ڏيندس، هن ڀيري اسان جا ماڻهو واپس گهرن ڏانهن نه ويندا، پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عدليه جي بحالي ۽ اسان جي بيگناهه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر مڪمل تياري سان مارچ جي تاريخ آئون پاڻ ڏيندس، عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوابي جلسي ۾ اسان حڪمت عملي ڏئي ڇڏي، هن ڀيري اسان جا ماڻهو واپس گهرن ڏانهن نه ويندا، تحريڪ انصاف جا عهديدار، اسيمبلي ميمبر، ناظم، ٽڪيٽ هولڊرز، ورڪرز ۽ سپورٽرز پنهنجي تياري مڪمل ڪري وٺن.