سنڌ ۾ 3 نومبر کا شڪار سيزن شروع ڪرڻ جو اعلان

0
71
سنڌ ۾ 3 نومبر کا شڪار سيزن شروع ڪرڻ جو اعلان
سنڌ ۾ 3 نومبر کا شڪار سيزن شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌسرڪار 3 نومبر کان 28 فيبروري تائين شڪار جي سيزن جو اعلان ڪندي380 قسمن جا پکي مارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ان ڏس ۾ جهنگلي جيوت کاتي ڄاڻايو آهي ته شڪاري کاتي کان پرمٽ وٺڻ کانپوءِ ڀورو تتر، ڪارو تتر، پٽ تتر، آڙي سميت 380 قسمن جا پکي شڪار ڪري سگهندا، کاتي پاران شڪار لاءِ ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن مقرر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته شڪاري رڳو شاٽ گن سان شڪار ڪري سگهندا

پڌرائي موجب کير ٿر نيشل پارڪ، سمورن وائلڊ لائيف سينچريز، ڪينٽونمينٽ بورڊن، ايئر فورس بيسز، شهري آبادين ڀرسان شڪار تي پابندي هوندي