ڪيئن پڙهندي سنڌ، ڪيئن وڌندي سنڌ؟ 10 مهينن ۾ 9 استاد ٽارگيٽ بڻائي قتل، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا

0
45
ڪيئن پڙهندي سنڌ، ڪيئن وڌندي سنڌ؟ 10 مهينن ۾ 9 استاد ٽارگيٽ بڻائي قتل، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا
ڪيئن پڙهندي سنڌ، ڪيئن وڌندي سنڌ؟ 10 مهينن ۾ 9 استاد ٽارگيٽ بڻائي قتل، ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا

حيدرآباد (رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر)  سنڌ استادن لاءِ نوگو ايريا بڻجي وئي، هلندڙ سال جي 9 کان وڌيڪ استاد ٽارگيٽ بڻائي گوليون هڻي قتل ٿي ويا، قتل جا ڪيس داخل هجڻ باوجود هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو ۽ وري ڪنهن کي سزا آهي،  سڀ کان وڌيڪ ڪنڌڪوٽ ضلعي 5 استادن کي سرعام گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، رڳو مارچ مهيني ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 5 استادن کي بيدردي سان قتل ڪري تعليم دشمني جو ثبوت ڏنو ويو، ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” پاران  سنڌ ۾ استادن خلاف وڌندڙ دهشتگرد ڪارروائين، حملن ۽ توڙي اغوا جي واقعن جي تفصيلي رپورٽ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته تعليم دشمن قوتون هلندڙ سال استادن جون ايتريون ته ويري بڻجي ويون آهن جو رڳو 10 مهينن دوران 9 کان وڌيڪ استادن کي گوليون جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي،  قتل ڪيل استادن ۾ شهيد ظفر لاکو، هدايت لوهار، الله رکيو نندواڻي، راڻو ملڪ، فهد کوسو، صدام حسين مهر، جمع خان جکراڻي، اظهر مهر،  ۽ حنيف ڀنڊ شامل آهن، رڳو اهو ئي نه فيبروي ۽ مارچ جي وچ ۾  هڪ مهيني دوران 5 استادن پرائمري استاد الله رکيو نندواڻي ، هدايت الله لوهار ، ظفر لاکو ، مراد بنگوار ۽ جمع جکراڻي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، پنهنجي اخبار جي گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن ( پ ٽ الف) ضلعي گھوٽڪي جي صدر ظفر اللّٰه لاکو کي مديجي ڀرسان راھَ ويندي ھٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان 2 ھفتا اڳ16 فيبروري تي نصير آباد ۾ ڊيوٽيءَ تي ويندي نصيرآباد ٿاڻي ڀرسان اُستاد ھدايت اللّٰه لوھار کي موٽر سائيڪل سوار دھشتگردن گوليون ھڻي شھيد ڪري ڇڏيو، سي سي وي فوٽيج به هٿ آيون ۽ چهرا به صاف ڏسي سگهجن ٿا پر 8 مهينا گذرڻ باوجود هڪ به قاتل گرفتار ناهي ٿيو، ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار عهدن تي موجود آهن، رستم ڀرسان نوجوان استاد صدام مهر  آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري استاد ٿيو، کيس جوائننگ ملڻ جي ٻئي ڏينهن ئي اسڪول ويندي 23 سيپٽمبر 2024ع تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو،   18  مارچ تي ڪرمپور کان 4 ڪلو ميٽر پري استاد الله رکيو نندواڻي کي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ڏوهه ۾ پنهنجي معصوم پٽ جي آڏو گوليون  هڻي  قتل ڪيو ويو ، تنگواڻي ڀرسان ئي استاد راڻو ملڪ کي ڌاڙيلن گوليون هڻي قتل ڪيو، راڻو ملڪ کي 12 ربيع الاول جي ڀلائي رات  جو گوليون هنيون ويون، کائنس پڻ ڀتو گهريو ويو، راڻو ملڪ تي حملي ۾ سندس ڀاءُ کي پڻ گولي لڳي، جنهن جي حالت پڻ اڃا تائين نازڪ آهي ۽ سندس ٻانهن ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، راڻو ملڪ جي قتل جو ڪيس به سندس ڀاڄائي جي فرياد تي داخل ٿيو پر اڃا تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، استاد راڻو ملڪ جي قاتل ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ سندس ڀاتين کي ڪيترائي ڀيرا يرغمال بڻايو ڌمڪيون ڏنيون.  تازو گذريل مهيني 16 آڪٽوبر تي ڪنڌڪوٽ ۾  خانگي اسڪول جي نوجوان استاد 18 سالن جي اظهر مهر کي وچ شهر ۾ گرلز اسڪول آڏو سبزوئي-مهر تڪرار جي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو، توڙي جو تڪراري ڌر سان سندس ڪو تعلق نه هو.  دادو ڀرسان خدا آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش ڀنڊ ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوان استاد محمد حنيف ڀنڊ کي زمين جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو، جيڪو پڻ تازو ئي استاد ٿيو هو، حنيف ڀنڊ سان گڏ  چنگچي رڪشا هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندڙ سندس چاچي مختيار احمد کي قتل ڪيو ويو،  ان کان اڳ ڪمشور ۾ پڻ استاد فهد حسين کوسو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ پڻ پيرسن استاد جمع خان جکراڻي کي گوليون جون کاڄ بڻايو ويو،  اُستادن جي ناحق خون يا ظلم زيادتين تي سنڌ حڪومت، تعليم جي وزير ، سيڪريٽري تعليم ۽ تعليم کاتي جي نا اھل عملدارن نوٽيس وٺڻ ته پري، پر ڏک ۽ افسوس جو اظھار به نه ڪيو آھي،   10 مهينن دوران قتل ڪيل 9  کان وڌيڪ استادن مان سڀني جو ڪيس به داخل ٿيو آهي  پر ڪنهن جي به خون سان انصاف ناهي ٿيو. قتل ٿيل استادن جي وارثن کي قانون مطابق نوڪريون ۽ ٻيا فنڊ ته پري جي ڳالهه پر بيواهن جي پينشن به ناهي شروع ڪئي، ان کان هڪ سال اڳ  به پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند، ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن استاد مراد علي ڀنگوار کي قتل ڪيو ۽ ميرپور خاص ۾ عبدرالرحمان بگٽي کي قتل ڪيو ويو، هوڏانهن  فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري ايندڙ ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جو خون به لڙهي ويو، پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي گذريل سال اپريل ۾ سندس زمين تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس عالمي سطح تائين پهتو، ڪيس به داخل ٿيو پر هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو. بعد ۾ قتل جو نبيرو گوهر پئلس تي علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جرڳي ۾ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، غوث بخش مهر، جلال ڪلپر بگٽي،ڊاڪٽر طارق ساوند، عابد سندراڻي ۽ ٻيا چڱا مڙس شريڪ ٿيا، جرڳي ۾  ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.جرڳي ۾ ساوند ڌر جا سندراڻين ڏي 13 خون ثابت ٿيا، جن جو 3 ڪروڙ 21 لک رپيا جڏهن ته سندراڻين جا ساوندن ڏي 11 خون ثابت ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو. خوني جهيڙي ۾ پروفيسر اجمل ساوند سميت وڪيل نور الاهي سندراڻي به گولين جو کاڄ بڻيا هئا، شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي خون جو هڪ ڪروڙ رپيا ملهه رکيو ويو. اهڙي ريت ڊاڪٽر اجمل ساوند جي چونڊيل نمائندن جي سرواڻي ۾ لڙهي ويو،  ٻئي طرف هلندڙ سال استادن جي حملن، اغوا ۽ يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ جي واقعن ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي، سجاول جي اُستاد فدا شاعر کي خنجر ھڻي شديد زخمي ڪري پگھار جي رقم ڦُر ڪري رھزن آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. ان کانسواءِ استادن کان ڦرون ڪرڻ ۽ اسڪول ويندي يا اسڪول کان واپس ويندي يرغمال بڻائڻ جا واقعا پڻ روز جو معمول آهن، استاد تنظيمن پاران به رڳو مذمت ۽ روايتي هڪ ڏينهن جا اجتجاج ڪري خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي.

حيدرآباد: هٿيار کڻي ٻارن کي پڙهائڻ ويندڙ  استاد الله رکيو نندواڻي جي امڙ پٽ جي جدائي ۾ روئي روئي نابين ٿي وئي آهي، استاد الله رکيو نندواڻي جي سئوٽ مٺو خان نندواڻي ٻڌايو ته شهيد الله رکيو جي پيرسن امڙ هاڻي نابين ٿي چڪي آهي، پٽ جي جدائي ۾ پيرسن امڙ ۽ بيواهه جي حالت تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي، گهر ۾ 9 مهينن کان قيامت آهي، هن ٻڌايو ته شهيد استاد الله رکيو نندواڻي جي پيءُ کي به قتل ڪيو ويو هو. واضع رهي ته مقتول استاد الهه رکيو نندواڻي جي بندوق کڻي موٽرسائيڪل تي پنهنجي پٽ سان گڏجي اسڪول ڊيوٽي تي ويندي ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ استاد کي قتل ڪيو ويو.هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان قتل ويل نوجوان اظهر مهر بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اظهر ڪنڌڪوٽ جي نجي اسڪول ۾ 3500 پگهار تي معصوم ٻارڙن کي پڙهائيندو هو، نوجوان جي قتل ٿي وڃڻ بعد نجي اسڪول جا معصوم ٻارڙا پنهنجي استاد جي قتل ۽ پنهنجي استاد کي ياد ڪندا روئيندا رهيا، جيڪا وڊيو پڻ سوشل ميديا تي تمام گهڻي وائرل ٿي، مقتول نوجوان اظهر مهر جي قتل جي الزام هيٺ آيل سبزوئي گينگ خوشي وچان فائرنگ ڪئي ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي،

استاد تنظيمن احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد: سنڌ ۾ استادن جي قتل عام خلاف استاد تنظيمن جي اڳواڻن احتجاجي تحريڪ جو چتاءُ ڏنو آهي، آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام رسول مهر چيو ته جڏهن به ڪو استاد شهيد ٿيو اسان پنهنجي تنظيمي پليٽ فارم تان احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن، اسان شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر  ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن جي ايس ايس پيز توڙي چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ چيوسين پر رڳو نالي ماتر ڪارروايون ٿيون، هن چيو ته اسان گورنمينٽ توڙي تعليم کاتي کي پڻ اپيلون ڪيون ته شهيد استادن جي پونيئرن کي وظيفو، پينشن ۽ نوڪريون ڏيو، 5  شهيد استادن جي ڪاغذي ڪارروائي به ڪري ڏني آهي پر تعليم کاتو چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ فوتي ڪوٽا نوڪري تي پابندي هنئي آهي، جيئن ئي کلندي ته اسان نوڪريون ڏينداسين، هن چيو ته اسان تمام جلد وڏو ڪنوينشن گهرائي شهيد استادن جي وارثن کي سڏ ڪنداسين ۽ اتي شهيدن استادن جي خون سان انصاف لاءِ قانوني ٽيمون جوڙڻ سان گڏ مستقبل جو لائحه عمل پڻ جوڙينداسين، گسٽا سنڌ جي صدر حاجي اشرف خاصخيلي چيو ته استادن کان موٽر سائيڪلون، پگهار ۽ موبائيل ڦر جا روز درجنن ۾ واقعا ٿين ٿا، هاڻي چون ٿا ته استادن جي ڊريس ٺاهينداسين ته جيئن پوليس وارو کي سلوٽ ڪري، اسان کي سلوٽ جي نه تحفظ جي ضرورت آهي،  پ ٽ الف جي جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي چيو ته اسان هر هنڌ سراپا احتجاج آهيون  احتجاجن باوجود ڪو کڙ تيل نه ٿو نڪري. استان کي تحفظ ڏنو وڃي.هوڏانهن قتل ٿيل استادن جي وارثن انصاف جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت سنجيدگي اختيار ڪري، “پنهنجي اخبار” سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيد استاد هدايت لوهار جي ڌيءَ سسئي لوهار ٻڌايو ته والد جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ ذاتي تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪيو پئي ويو پر اسان جوابدار نامزد ڪيا، اسان لاش رکي ڌرڻو هنيو، پر اڃا تائين هڪ جوبدار گرفتار ناهي ٿيو، سسئي چيو ته بابا جي قتل بعد ان جون شاهديون به فوري طور تي ختم ڪيون ويون، اکين ڏٺن شاهدن کي چيو ويو ته ڪا به ڳالهه ڪئي وئي ته توهان سان سٺو نه ٿيندو، بابا کي قتل کان اڳ 2 ڀيرا کنڀي به گم ڪيو ويو ۽کيس  چيو ويو ته پنهنجي ڌيئرن کي چئو ته مسنگ پرسن لاءِ آواز نه اٿارين،  رستم ۾ قتل ڪيل نوجوان استاد صدام مهر جي ڀاءُ وقار مهر ٻڌايو ته صدام کي سعيد خاناڻي جتوئي ڌر  ان پلاند ۾ قتل ڪيو ته سندن ماڻهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو. اڃا تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار روز ڌمڪيون ڏين ٿا،  اسان ڪنهن به صورت ۾ ساڻن ٺاهه نه ڪنداسين،  استاد الله رکيو نندواڻي جي سئوٽ مٺو خان نندواڻي ٻڌايو ته الله رکيو نندواڻي کي 10 لک ڀتو نه ڏيڻ تي  7 رمضان جي رات قتل ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته الله رکيو نندواڻي چوندو هو ته ڀلي آئون ماريو وڃا پر 202 ٻارن کي پڙهائڻ نه ڇڏيندس، جوابدار اسان کي به قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  تنگواڻي ڀرسان قتل ڪيل استاد راڻو ملڪ جي سئوٽ حبيب الله ملڪ ٻڌايو ته راڻو ملڪ کي ڏاڍ ۽ ڀتو نه ڏيڻ ٿي چولياڻي برداري جي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو، جنهن جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ٺلها آرا ڏئي ٿي، هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو. ڪنڌڪوٽ ۾ قتل ڪيل نوجوان استاد 18 سالن جي اظهر مهر جي والد غلام قادر اکين مان لڙڪ لاريندي چيو ته اظهر مهر  کي ٻارن سان پڙهائڻ هو چاهه هو، کيس سبزوئي-مهر تڪرار ۾ پلاند ۾ قتل ڪيو ويو، توڙي جو اسان جو انهن ڌر سان ڪو تعلق ناهي، رڳو ذات ۾ مهر هجڻ ڪري منهنجو گهر اجاڙيو ويو آهي. قاتل مونکي ماري ڇڏين ها منهنجي معصوم پٽ کي نه مارين ها.

وياجين به استادن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، 3 ڄڻا آپگھات ڪري چڪا

حيدرآباد: سنڌ ۾ وياجين به استادن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هلندڙ سال 3 کان وڌيڪ استادن وياجين کان تنگ تي آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، 2 هفتا اڳ لاڙڪاڻي شهر ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙائي شيخ ۾ ٽي سال اڳ گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول مان رٽائرڊ ٿيل پيرسن انگريزي ماستر 7 ٻارن جي والد 63 ورهين جي شوڪت علي پٽ محمد پنهل شيخ وياج خورن جي ظلم کان تنگ اچي گهر اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي هن 10 لک روپيه وياج تي پئسا ورتا هئا وياج خور کانئس 30 لک رپيا گھري رهيا هئا. ڪجهه مهينا اڳ جيڪب آباد ۾ استاد انور علي پنهيار پڻ وياجين کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو، سجاول ضلعي ۾ پڻ آپگهات استاد يوسف بلاولي به وياجين کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو، سنڌ جا هزارين استاد هن وقت وياجين جي عتاب هيٺ آهن، استادن جا سروس توڙي پيشن بڪ، گهرن ۽ گاڏين جا ڪاغذ، نياڻين جا سون ۽ چيڪ بڪ پڻ وياجين و ٽ گروي رکيل آهن،  پگهار ايندي ئي سنڌ جي سمورين بينڪن ۾ پگهاردارن بدران وياجين جا ميلا متل هجن ٿا،  استاد  نياڻين جي شادين ۽ ٻين گهرو مسئلن جي ڪري قرض کڻن ٿا اهو ٽيڻ تي لاهڻ باوجود وياجي سندن جان نه ٿا ڇڏين.ان حوالي سان پ ٽ الف سنڌ جي صدر  غلام رسول مهر چيو ته استاد تمام مجبوري ۾ قرض کڻن ٿا پر وياج خور ان بعد انهن سان اهڙي حالت ڪن ٿا جو وٽن آپگهات کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ناهي هوندو،  قانون جي رٽ ايتري ته ڪمزرو آهي جو وياج خورن جي نيٽ ورڪ کي ڪير چئلينج نه ٿو ڪري. هوڏانهن پاڪستان  ۾ ڪنهن به صوبي ۾ استاد ايترا غير محفوظ ناهن، جيترا سنڌ ۾ آهن، ان حوالي سان ورتل انگن اکرن مطابق سڄي سال ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هڪ هڪ استاد قتل ٿيو، ملتان ۾ عورت استاد صفورا تيمور کي اسڪول ويندي قتل ڪيو ويو، جنهن جو قاتل به گرفتار ٿيو، جنهن اعتراف ڪيو ته کيس شادي کان انڪار تي قتل ڪيو، ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي شهر بنير ۾ پڻ استاد عورت کي شادي کان انڪار تي والد آڏو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ٻئي طرف گذريل سال ڪي پي ڪي جي ڪرم واري علائقي ۾ اسڪول تي دهشتگردن حملو ڪيو، جتي 7 استاد قتل ٿي ويا.  گڏيل قومن تعليم جي حوالي سان يوڪرين، فلسطين ۽ ڪانگو کي خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو آهي.