Hard and harsh … “هَلا گُلا ڊان” ۽ پوليس جي ساهمي

0
27
Hard and harsh ... “هَلا گُلا ڊان” ۽ پوليس جي ساهمي

 سنڌيءَ ۾ هڪ لفظ آهي ‘سامي’. سامي اُن شخص کي چئبو آهي، جيڪو تَنَ کي تسيا ڏي. سامي، جنهن لاءِ هڪ چوڻي مشهور آهي ته، “ساميءَ جي سنگت ۾، ‘وارن’ جو ساءُ” (هتي اسان کي ‘وارن’ کان ٻيو ڪو موزون ۽ مناسب لفظ نه ملي سگهيو آهي) پر اڄ اسان اِنَ ساميءَ جي ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون. اڄ اسان جو موضوع آهي “ساهمي”. ساهمي اهڙو ‘ڊوائيس’ آهي، جنهن سان شاعر، شعر جي وزن جي تور تڪ ڪندا آهن، يا وري محبوبا جي وفا ۽ جفا جو ميزان ڪندا آهن. جنهن سان واپاري گجر ۽ بصر توريندا آهن. اسان پُڙن ۽ پَلڙن واري ڪانٽي جو ذِڪر پيا ڪريون. اهڙي ئي هڪ ساهمي مُلڪ جي وڏي عدل گاهه جي ٻاهران لڳل آهي، جنهن جا هُونئن ته ٻئي پُڙ برابر ڏيکاريل آهن، پر وري به “اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ‘ٻَل’ ٿو ٻُرائي”. ان جي پُڙن جو توازن بس هڪ واٽس ايپ مئسيج جي مار آهي. ان کان سواءِ هڪ ساهمي ٻي به آهي، جيڪا هر وقت پوليس وارن وٽ (اي اين ايف وارن وٽ) پڻ هوندي آهي. “بغل ۾ بندوق، ساهمي ساڄي هَٿَ ۾”، مجال آهي جو ان ساهميءَ جي تورَ ۾ هڪ گرام جي به گهٽ وڌائي ٿئي. جڏهن ڪُجهه سالَ اڳ راڻا ثناءُ الله کي پڪڙيو ويو هو ته، اُن وٽان، نه پوڻا نه سَوا، پُورا پندرهن ڪِلو هيروئن هٿ آئي هئي. ميڊيا وارن پُڇيو: هِيءَ هيروئن ڪٿي جي آهي؟

چيائون: پاڪستاني

ميڊيا وارا: پر پاڪستان جي هيروئن ته، اڍائي مڻن کان گهٽ نه هوندي آهي. جڏهن اڃان ٿريشر هتي ڪونه آيو هو ته، پاڪستان ۾ فصل جي هَلر جو ڪم هيروئن کان ورتو ويندو هو.

چيائون: هِيءَ هيروئن ڊائٽنگ تي آهي.

ميڊيا وارا: پر هيروئن ته ‘ڊيٽنگ’ تي هوندي آهي!

اهلڪارن هٿيار تاڻي ورتا ۽ چيائون: اوهان قومي راز فاش ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهيو.

پاڻ ڳالهه پئي ڪئي پوليس ۽ اُن جي ساهميءَ جي. ساهميءَ جو قومي سطح تي ڪارج تسليم ٿيل آهي. ساهميءَ جي ٻنهي پُڙن جي وچ ۾ هڪ ‘ڏنڊو’ هوندو آهي. انصاف ۽ عدل لاءِ ڏنڊو ضروري آهي. سوچيو ته، اهو ڏنڊو نه هجي ته ڪيئن عدل جو نظام (ساهمي) بيهي سگهي ۽ ڪيئن خبر پوي ته، ڪنهن وٽ ڪيتري آئيس آهي! ڏنڊي سان ئي ساهميءَ جو توازن بيهاري سگهبو آهي.

(سِين بدلجي ٿو)

هڪ آفيس ۾ وڏي ڪُرسيءَ تي هڪ گڙنگ آفيسر ويٺل آهي. اڳ ئي کنڀيل هڪ جوابدار کي، پوليس وارا کنڀي ڪمري ۾ داخل ٿي سليوٽ هڻن ٿا ۽ جوابدار جي چهري تان ڪپڙو هٽائين ٿا.

آفيسر: هِي ڪنهن کي وٺي آيا آهيو؟ هن نموني کي ته، نمونيا ٿي لڳي.

سپاهي: نه سر، هِي نمونو نه آهي، نه ئي هن کي نمونيا آهي. هِي نشي ۾ آهي. هِي خطرناڪ دهشتگرد آهي. هن جي گاڏي به نشي ۾ هئي، ٿڙندي ٿاٻڙندي پئي هلي. گاڏيءَ مان دهشتگرديءَ جا اوزار جهڙوڪ، ڪئميرا ۽ رڪارڊنگ ڊوائيس هٿ آيا آهن. هن اڪيلي سر پوليس تي گاڏي چاڙهي، هٿيار ڦُريا، هٿيار تاڻيا.

آفيسر: هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت ايترا ڪم ڪري سگهي ٿو؟

سپاهي: جِي سائين، هِي نشي ۾ آهي ۽ نشي ۾ ماڻهو ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو. هن وٽان 246 گرام آئيس به هٿ آئي آهي. پورا 246 گرام، نه گهٽ، نه وڌ. اسلام آباد جي مارگلا ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿي چُڪي آهي.

آفيسر: جوابدار جو نالو ڇا آهي؟

سپاهي: (سليوٽ هڻندي): “هَلا گُلا ڊان”، سر!

جوابدار: پر سائين منهنجو نالو “هَلا گُلا ڊان” نه پر……..

آفيسر: تُون چُپ ڪر، تُون ته آهين ئي دهشتگرد.

جوابدار: پر….سائين

(پردو ڪري ٿو)