حماس يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، پلاند جو اعلان

0
70
حماس يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، پلاند جو اعلان
حماس يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، پلاند جو اعلان

بيروت/ واشنگٽن(م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس اسرائيلي حملي ۾ يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪندي پلاند جو اعلان ڪري ڇڏيو

عرب ميڊيا موجب بيروت مان جاري ڪيل بيان ۾ غزه ۾ حماس جي نائب سربراهه خليل الحيا ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته يحيٰ سنوار بهادري سان اسرائيلي فورسز سان وڙهندي مارجي ويو آهي

خليل الحيا چيو ته يحيٰ سنور جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ۾ وڌيڪ جوش پيدا ٿيو آهي، يحيٰ سنوار جي شهادت غاصب اسرائيل لاءِ تباهي جو پيغام هوندي

غزه ۾ حماس جي نائب سربراهه وڌيڪ چيو ته يحيٰ سنوار شهادت جو عظيم مقام حاصل ڪيو، هو آخري دم تائين قابض فوج جي سامهون بيٺو رهيو ۽ دشمن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، هن قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي آهي

هن وڌيڪ چيو ته يحيٰ سنوار جيل ۾ به دشمن کي شڪست ڏني ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي جدوجهد جاري رکي، ايتري قدر جو هو شهادت جو بلند درجو حاصل ڪيو

هوڏانهن وائيٽ هائوس ترجمان جو چوڻ آهي ته غزه ۾ جنگبندي جي راهه ۾ يحيٰ سنوار وڏي رڪاوٽ هو، حماس جي اهليت ختم ناهي ٿي، حماس ڪمزور پوزيشن ۾ آهي پر اڃا به خطرناڪ آهي

سلامتي معاملن واري ترجمان جان ڪربي پريس رليز ۾ چيو ته صدر جوبائيڊن سمجهي ٿو ته يحيٰ جي شهادت سان جنگبندي جو معاهدو هٿن ۾ اچي ويو آهي. جنگ جي خاتمي لاءِ رستو ڳولڻ تمام ضروري آهي

مذهبي ڪتاب، تسيبح، ٽافيون، ڪلاشنڪوف ۽ ڪجهه ڏوڪڙ: شهيد سنوار جي ڪل ڪائنات، تصويرون جاري

تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي فوج حماس جي سربراهه يحيٰ سنوار کي شهيد ڪرڻ واري هنڌان ڪجهه تصويرون جاري ڪيون آهن، جن ۾ هڪ مذهبي ڪتاب، تسبيح، ٽافيون، ڪلاشنڪوف ۽ ڪجهه رقم شامل آهي. اسرائيلي خابرو اداري موجب يحيٰ سنوار آخري ڏهاڙي کاڌي بنا ٻن ويجهن سان ٿين سان گڏ اڪيلائي ۾ گذاريو، سندس لاش هڪ ملبي مان مليو. مٿي تي وڏو گهاءَ هو  ۽ جسم زخمن سان چور چور هيو، سندس ڀرسان هڪ پستول پيو هو جيڪو هن  2018  ۾ ماريل اسرائيلي فوج جي هڪ آفيسر کان کسيو هو