غزه / تل ابيب (م ڊ) اتر غزه ۾ حماس هٿان جهڙپن دوران 5 صيهوني فوجي مارجي ويا، اسرائيل پنهنجي فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، غزه تي اسرائيلي فوج جي زميني ۽ هوائي حملن ۾ وڌيڪ 62 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج بيان ۾ چيو آهي ته جباليه ۾ حماس طرفان ڪيل اينٽي ٽينڪ ميزائل جي هڪ حملي ۾ ميجر رينج جو صيهوني فوجي مارجي ويو، جڏهن ته اتر غزه ۾ جباليه ويجهو بيت لاهيه جي هڪ گهر تي ڪيل اينٽي ٽينڪ ميزائل جي حملي ۾ اسٽاف سارجنٽ رينڪ جا 4 اهلڪار مارجي ويا. رائٽرز موجب غزه ۾ اسرائيل جي زميني ڪاروائي کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 376 فوجي مارجي ويا آهن آهن. برطانوي خابرو اداري رائٽرز فلسطيني طبي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته وچ ۽ ڏکڻ غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ تيزي کانپوءِ وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا. خان يونس جي پناهگير ڪئمپن تي بمباري ڪئي وئي. معصوم ٻارڙا به شهيدن ۾ شامل هئا. ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا. غزه سٽي جي اترئين علائقي الجلاعا ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو شهيد ٿيا، ديرالبلاح ۾ النور مسجد ويجهو ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 فلسطيني شهيد ٿيا ۽ 10 زخمي ٿي پيا