اسلام آباد(رپورٽ ايم بي سومرو) ناڻي جي وفاقي وزير آءِ ايم ايف وفد کي پاڪستان جي معاشي استحڪام کي جاري رکڻ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻ جي يقين ڌهاني ڪرائي آھي، جڏهن ته ٽيڪس وصوليون حدف تحت نه ٿيڻ سبب شارٽ فعال پورو ڪرڻ جي حوالي سان في ليٽر پيٽرول تي 10 رپيا ليوي وڌائي ستررپيا ڪرڻ،خرچن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جون تجويزون تيار
تفصيل موجب پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جي اقتصادي ٽيم وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ناڻي واري وزارت جي بيان موجب آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران مملڪتي وزير علي پرويز، ناڻي سيڪريٽري، چيئرمين ايف بي آر ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف وفد جي قيادت ناٿن پورٽر ڪئي. ملاقات دوران ناڻي وزارت آءِ ايم ايف کي قرض پروگرام تي عملدرآمد جي پيش رفعت کان آگاهه ڪيو
ناڻي وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جاري رکيو ويندو، هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇھه ماهي دوران گهڻي قدر حدف حاصل ڪيا ويا آھن آءِ ايم ايف جي پروگرام تي مڪمل طور عملدرآمد ڪرڻ لاءِ پرعزم آھيون . ذريعن مطابق ٽيڪس وصولين جي حدف حاصل نه ٿيڻ جي حوالي سان پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپين جو اضافو ڪري في ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي سٺ رپين کان 70 رپيا ڪرڻ، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري شارٽ فال پورو ڪرڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو آھي
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽرانسفارميشن پلان، ٽريڪ اينڊ ٽريس ۽ ريٽيلرز اسڪيم تي بريفنگ ڏني وئي. ٽرانسفارميشن پلان ۾ ايف بي آر کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس وصولي لاءِ اي آءِ جو استعمال شامل آهي، جڏهن ته روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ 5 شعبن ۾ سسٽم لڳائڻ جي تجويزون به پيش ڪيون ويون
ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ٽيڪس مشينري ريٽيلرز، هول سيلرز ۽ ڊسٽريبيوٽرز کان 11 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن. جڏهن ته تاجر دوست اسڪيم ٽي ڊي ايس جي حوالي سان اميدون پوريون نه ٿيون آهن ۽ هن خاص اسڪيم ذريعي صرف 17 ٽيڪس گڏ ڪرڻو هو پر رڳو 17 لک رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جي تجويز تي عملدرآمد جي صورت ۾ پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاران ٻه آپشن تجويز ڪيا ويا ته ايف بي آر جي 190 ارب رپين جي روينيو شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ يا ته مني بجيٽ پيش ڪئي وڃي يا وري خرچن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ قابل عمل پلان تيار ڪيو وڃي
ذريعي موجب آءِ ايم ايف ايل اين جي امپورٽ تي سرڪاري ادارن جو ڪنٽرول ختم ڪيو وڃي ۽ نجي شعبي کي اڳيان آندووڃي آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين جو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ به 15 نومبر تائين جاري رهندو، جنهن دوران ملازمتن جي رائيٽ سائيزنگ، نجڪاري پروگرام تي پيش رفعت کان آگاهي ڏني ويندي، حڪومت پاران ٽيڪس شارٽ فعال کي پورو ڪرڻ لاءِ به پلان پيش ٿيندو، جنهن کي آءِ ايم ايف جي مشاورت سان حتمي صورت ڏني ويندي. جڏهن ته پوائنٽ آف سيلز ۾ ايف بي آر رسيد تي في هڪ رپئي مان وڌائڻ جي تجويز تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سيلز ٽيڪس جي هر رسيد تي هڪ رپيو وڌائڻ سان سالياڻو 50 ڪروڙ ٽيڪس حاصل ٿيندو، پي او ايس نه لڳائڻ وارن ريٽيلرز جو خصوصي آڊٽ ڪرڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو.