دادو (رپورٽر ) دادو ضلع ۾ امن امان جي صورتحال خراب ، ليڊي هيلٿ ورڪرز پوليس پهري هيٺ مهم هلائڻ تي مجبور ٿي ويون ، دادو ضلع جي ميهڙ ، ڪي اين شاھ ، دادو ۽ جوهي جي 4 لک 7 هزار 700 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاء 1200 ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون ، ليڊي هيلٿ ورڪرز کان ميهڙ ، ڪي اين شاھ ، جوهي جي مختلف لنڪ روڊن تي ڦرن ۽ کين حراسا ڪرڻ جا واقعا پيش اچڻ کانپوء تازو ڪجھ مهينن کان دادو ضلع جي چئني تعلقن جي لنڪ روڊن ، رستن تي ڦرن ، ڌاڙن جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو اچڻ کانپوء پوليو ٽيمون غير محفوظ هئڻ وارن خدشن کانپوء ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي مهيا ڪندي 1200 ٽيمن لاء 2000 کان وڌيڪ پوليس جمعدار ۽ ڪانسٽيبل کي مقرر ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف ميهڙ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر صنوبر مغيري ۽ سندس پٽ کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ، جيڪا پوليس 24 ڪلاڪن اندر واپس ڪرائي ليڊي هيلٿ ورڪر حوالي ڪئي آهي ، واضح رهي ته دادو، ميهڙ ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي جي لنڪ تي ڏوهارين جا ٿاڪ لڳل آهن ، روزانو 20 کان 25 موٽر سائيڪلن جي ڦرن جا واقعا پيش اچي رهيا ، پوليس پاران اهڙن ڦرن جي واقعن جون رپورٽون به داخل نه ٿيون ڪيون وڃن
همايون شريف ۾ رئو موٽر سائيڪل ۾ ڦاسڻ ڪري پوليو ورڪر زخمي
همايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ۾ جاڳڻ لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل جي چين ۾ پوليو ورڪر جو رائو ڦاسڻ سبب ڪري سخت زخمي ٿي پئي، حادثي سبب ليڊي هيلٿ ورڪر اختيارِخاتون زال عبدالله چنه سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي سول اسپتان شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال ريفر ڪيو ويو، اھڙو اطلاع ملڻ تي يُوسِي ايم او ڊاڪٽر راحب کي ڪيو ويو، جنهن موقعي تي پهچي زخمي ليڊي هيلٿ ورڪر کي اسپتال منتقل ڪرايو، رابطو ڪرڻ تي يُوسِي ايم او ڊاڪٽر راحب ٻڌايو ته جيئن ئي پوليو ٽيم همايون شريف – جاڳڻ لنڪ روڊ مَسُو واهه تي پهتي ته ليڊي هليٿ ورڪر جو رَئو موٽر سائيڪل جي چين ۾ ڦاسي پيو، جنهن سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي آهي ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر سخت زخمي ٿي پئي، جنھن جو علاج سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ ھلندڙ آھي
دادو جي دڙو روڊ واسين پاران زمينن جو معاوضو نه ملڻ تي پوليو مهم جو بائڪاٽ
دادو : دادو شهر جي دڙو روڊ وٽ محمد صديق جمالي پاران احتجاجن پنهنجي گهر جي 6 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندي پوليو ٽيم کي واپس ڪري ڇڏيو ، پوليو ٽيم جي اطلاع تي ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو صحت کاتي ٽيم سميت محمد صديق جمالي جي گهر پهچي ويو ، صديق جمالي ڊي سي دادو آڏو دانهيو آهي ته تيل ، گئس ڪمپني او پي پي ايل نه زمينن جو معاوضو ڏئي ٿي نه زمينون اسان کين واپس ڪري ٿي ، ڊي سي دادو پاران او پي پي ايل ڪمپني سان ڳالهائڻ جي خاطري تي صديق جمالي گهر جي 6 ٻارن پوليو جا ڦڙا پياريا