سرڪاري ادارن ۽ وزارتن کان حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب

0
18
سرڪاري ادارن ۽ وزارتن کان حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب
سرڪاري ادارن ۽ وزارتن کان حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي فيصلن تي عدالتي اسٽي آرڊرز جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان حڪومتي فيصلن خلاف عدالتي حڪمن جي حوالي سان سمورن سرڪاري ادارن، وزارتن ۽ ڊويزنن کي خط اماڻيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن جن ۾ منع نامو جاري ٿئي 6 مهينا گذري ويا آهن، رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته لاڳاپيل ادارن منع نامي واري عدالتي حڪم هٽائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن.