حڪومت طرفان 6 وفاقي وزارتون ۽ ڏيڍ لک آساميون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته 6 وفاقي وزارتن بابت فيصلو ٿي چڪو، هاڻي عملدرآمد ڪرڻو آهي، ٻن وزارتن کي ضم ڪيو پيو وڃي، هڪ کي ختم ڪري ڇڏيو، مختلف وزارتن ۾ ڏيڍ لک آسامين کي به ختم ڪري رهيا آهيون
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ فائلرز جو انگ ٻيڻ تي ٿي ويو، هلندڙ سال 7 لک 23 هزار ماڻهو نيٽ ٽئڪس ۾ آيا، ملڪ ۾ فائلرز جو انگ 16 لک کان وڌي 32 لک ٿي ويو آهي
نان فائلرز هاڻي گاڏيون ۽ ملڪيت خريد نه ڪري سگهندا، آءِ ايم ايف اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي، هي سڀ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪاوشن سبب ٿيو، هاڻي ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو