حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

0
182
حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان
حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پيٽرول جي اگهه  ۾ 2 رپيا 07 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 1 رپيا 3 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي

پيٽرول جي نئون اگهه 247 رپيا 3 پئسا في ليٽر، ڊيزل جي نئون اگهه 246 رپيا 29 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جو نئون اگهه 140 رپيا 90 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي

ان کان علاوه گاسليٽ به 3 رپيا 57 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جو نئون اگهه 154 رپيا 90 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي

پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا

واضح رهي ته پهرين جون کان پهرين آڪٽوبر 2024 تائين پيٽرول جي اگهه ۾ 21 رپيا 23 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي

ان کان علاوه پهرين جون کان پهرين آڪٽوبر 2024 تائين ڊيزل 18 رپيا 67 پئسا في ليٽر سستو ٿي ويو آهي