جنرل نديم انجم کي هٽائي ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر

0
21
جنرل نديم انجم کي هٽائي ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر
جنرل نديم انجم کي هٽائي ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر

راولپنڊي ( م ڊ ) ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي

ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ هن وقت جي ايچ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجون نئين ذميواري سنڀاليندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ان کان پهريان بلوچستان انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري بريگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو آهي

ان کانسواءِ هو چيف انسٽريڪٽر ڊي يو ۽ انسٽريڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا به طور به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ان کان اڳ ملٽري آپريشنز ڊائرڪٽوريٽ ۾ به فرض سرنجام ڏئي چڪو آهي

عاصم ملڪ ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽيڊيز جو گريجويٽ به آهي، هو پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشير پڻ حاصل ڪري چڪو آهي

ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ فوجي خاندان سان واسطو رکي ٿو، سندس والد غلام محمد ليفٽيننٽ جنرل مقرر رهيو ۽ هن ڪور ڪمانڊر راولپنڊي طور پڻ خدمتون انجام ڏنيون. کيس ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي