گنڊاپور 8 ڪلاڪن بعد ظاهر: بئرسٽر گوهر آزاد: شير افضل، زين ۽ ٻين جو رمانڊ

0
43
گنڊاپور 8 ڪلاڪن بعد ظاهر: بئرسٽر گوهر آزاد: شير افضل، زين ۽ ٻين جو رمانڊ
گنڊاپور 8 ڪلاڪن بعد ظاهر: بئرسٽر گوهر آزاد: شير افضل، زين ۽ ٻين جو رمانڊ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر آزاد، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور به منظرعام تي اچي ويو، زين قريشي، شير افضل ۽ ٻين اڳواڻن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو

تفصيل موجب گذريل ڏينهن پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي آزاد ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس موجب، بئرسٽر گوهر علي کي سنگجاني ٿاڻي جي ڪيس ۾ ڊسچارج ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت، زين قريشي، عامر ڊوگر، نسيم شاهه، احمد چٺه ۽ ٻين جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو، اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو

هوڏانهن خيبر پختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور 8 ڪلاڪن تائين غائب رهڻ بعد منظرعام تي اچي ويو، علي امين گنڊاپور اسلام آباد مان سي ايم هائوس پشاور پهچي ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران گذريل ڏينهن علي امين گنڊاپور جي گرفتاريءَ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو

تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد ۾ سرڪاري اختيارين سان هڪ ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن هنڌ ملاقات ٿي اتي جيمرز لڳل هئڻ سبب فون سروس معطل هئي، پشاور پهچڻ تي وڏي وزير پي ٽي آءِ اڳواڻن سان وڊيو لنڪ ذريعي گڏجاڻي ڪئي، علي امين گنڊاپور پارٽي اڳواڻن کي اسلام آباد ۾ سرڪاري اختيارين سان ٿيل ملاقات بابت آگاهه ڪيو، پارٽي اڳواڻن پاران وڏي وزير کي گرفتاري بابت بريفنگ ڏني وئي.