اسلام آباد (بيورو رپورٽ+ م ڊ) پاڪستان آءِ ايم ايف کان آخري قسط لاءِ سمورا هدف پورا ڪري ورتا. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي وفد سان ڳالهيون 14 کان 18 مارچ تائين شيڊيول آهن ۽ پاڪستان اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت آخري قسط ملڻ جا سمورا هدف پورا ڪري ورتا آهن
ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويو ته وفد هڪ ڏهائي هڪ ڊالرز جي قست جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو ۽ سفارشن جي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ وٽان منظوري ملڻ کانپوءِ قسط جاري ڪئي ويندي
ٻئي پاسي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي پاڪستان آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگهي مدي وارو پروگرام وٺڻ جو خواهشمند آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان وڏو ۽ ڊگھي مدت وارو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، پاڪستان پنهنجي ڪوٽا جي حساب سان وڏو پروگرام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڊگهي مدت وارو پروگرام وٺڻ چاهيون ٿا، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ تسلسل سان معاشي صورتحال ۾ بهتري ايندي
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي دوست ملڪن کان قرض کڻي معيشت هلائڻ جو دور هليو ويو. دوست ملڪن چئي ڇڏيو آهي ته قرض بدران سيڙپڪاري ڪريو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مهانگائي ۽ وياج جي شرح گھٽجڻ جي اميد آهي، معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ جو به آسرو آهي. انشاء الله معيشت پيرن تي بيهندي
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍون. هن چيو ته معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ گھٽائڻ جو عزم ڪيو آهي. حڪومت کي پنهنجو گھر ٺيڪ ڪرڻو پوندو.هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري درست رخ ۾ آهي. بجلي ورڇ ڪمپنين کي خانگي سيڪٽر ۾ آڻينداسين. روينيو ليڪيج روڪڻ لاءِ اختيارن جي ڊيجٽلائزيشن ٿيندي، زراعت، مائننگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ برامدات وڌائينداسين.