فتنه الخوارج جي خاتمي تائين فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جا آپريشن جاري رهندا، وزيراعظم شهباز شريف جو جي ايڇ ڪيو ۾ يومِ دفاع جي مُک تقريب کي خطاب، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي جيتري ڀيٽا پيش ڪجي، اُها گهٽ آهي، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، اُن جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني جي ذميواري آهي، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ ڪنهن پاڙيسري خلاف جارحاڻا ارادا نٿو رکي، پاڪستان بدامني جي خاتمي ۽ خطي جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، خاطري رکو ته دهشتگردن کي چِٿڻ کانسواءِ سڪون سان نه ويهنداسين