آئيني عدالت جو پهريون ڏينهن: قاضي فائز خلاف درخواست خارج: چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد

0
15
آئيني عدالت جو پهريون ڏينهن: قاضي فائز خلاف درخواست خارج: چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد
آئيني عدالت جو پهريون ڏينهن: قاضي فائز خلاف درخواست خارج: چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڇهه رڪني آئيني بينچ باقائده ٻڌڻي جي شروعات ڪري ڇڏي. آئيني بينچ ماحولياتي گدلاڻ متعلق پهريون ڪيس ٻڌندي حڪومت قدمن تيسمورن صوبن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. آئيني بينچ چيو ته هي ڪيس 1993 کان هلي رهيو آهي. صرف ڪاغذي ڪاروائي مان ڪم نه هلندو. عملي قدم کنيا وڃن. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ۾ ايتري سموگ آهي ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي. اسان ماحوليات جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني آئيني بينچ ماحولياتي گدلاڻ متعلق درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر ڊي جي ماحولياتي ايجنسي کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا عدالت جو ڪم آهي ته اوهان جي اداري جي نگراني ڪري. جيڪڏهن عدالت ماحولياتي گدلاڻي وارن معاملن کي ڏسندي ته پوءِ ٻين ادارن جي ڪهڙي ضرورت آهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته صرف ڪاغذي ڪاروائي مان ڪم نه هلندو. عملي قدم کنيا وڃن. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ هر جڳهه هائوسنگ سوسائٽيز ٺهي رهيون آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ماحولياتي گدلاڻ صرف اسلام آباد نه پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي. گاڏين جو دونهو ماحولياتي گدلاڻ جو وڏو ڪارڻ آهي. پيٽرول ۾ ٿيندڙ ملاوٽ سان گدلاڻ ڦهلجي رهي آهي. اِن تي توجهه ڏني وڃي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ماحولياتي تبديلي اٿارٽي جو چيئرمين ڇو مقرر ناهي ٿي سگهيو؟ چيئرمين مقرر ٿيندو ته اٿارٽي فعال ٿيندي. ٻڌڻي دوران آئيني بينچ ۾ پنجاب اندر سموگ جو ذڪر به ٿيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ماحولياتي گدلاڻ جا اثر اسان جي سامهون آهن. پنجاب ۾ ايتري سموگ آهي ڪجهه نظر ئي نه اچي رهيو آهي. اسان ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. صوبن سان گڏجي هلنداسين ته ڪجهه نتيجو نڪرندو. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته سربسز زمينن کي ختم ڪيو ويو آهي. بنگلا ٺاهڻ بجاءِ ننڍا اپارٽمينٽس ڇو نٿا ٺاهيا وڃن. جيڪي علائقا زلزلي جي زد ۾ نٿا اچن اُتي هاءِ رائز عمارتون ٺاهيون وڃن. ايندڙ نسلن سان اسان ڪهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهيون. فليٽ ڪلچر کي فروغ ڏيو. لازمي ناهي ته ڇهه ڇهه ڪئنال بنگلا ٺاهيا وڃن. جسٽس مسرت هلالي چيو ته مانسره ۾ هر جڳهه اسڪولن سان گڏ پولٽري فارم ۽ ماربل فيڪٽريون نظر اينديون آهن. صرف آفيسرن ۾ ويهي ڪم ناهي ٿيندو فيلڊ ۾ وڃنو پوندو آهي. آئيني بينچ وفاق سميت چئني صوبن کان ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي متعلق رپورٽ ٽن هفتن ۾ طلب ڪندي ايڊيشنل اٽارني جنرل جي استدعا تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ کي بطور چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري خلاف نظر ثاني درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هي نظرثاني آهي. ڪيس ٻيهر کولي نٿو ڪري سگهجي. عدالت چونڊ شيڊول ۾ ترميم ۽ غير ملڪي اثاثن جون درخواستون به خارج ڪري ڇڏيون. درخواست گذارن مٿان جرمانو به لڳايو ويو. عارف علوي جي بطور صدر مقرري جي خلاف درخواست تي بينچ درخواست گذار کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ڇهه رڪني آئيني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بطور چيف جسٽس بلوچستان مقرري متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل رياض حنيف راهي موقف اختيار ڪيو ته ڪو به شخص سڌي ريت چيف جسٽس مقرر نٿو ٿي سگهي. پهريان بطور جج مقرري ٿيندي آهي پوءِ چيف جسٽس بڻايو ويندو آهي. وزير اعليٰ بلوچستان مقرري جي سمري به نه موڪلي هئي، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته نظرثاني ۾ ٻيهر اصل ڪيس نٿا کولي سگهون. عدالتي فيصلن جي خلاف هي ڪو اپيليٽ بينچ ناهي. غير سنجيده درخواستن تي ڇو نه اوهان جو ڪيس ڪاروائي لاءِ بار ڪائونسل موڪليون. وڪيل ڀٽو ڪيس جو حوالو ڏنو ته عدالت چيو ڀٽو ريفرنس مختلف ڪيس هو. حقيقتون به مختلف هيون. جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪيسن ۾ ذاتيات تي نه وڃو،  قاصي فائز عيسيٰ جي هاڻي جان ڇڏي ڏيو. هي ڪيس قانوني گهٽ ۽ سياسي وڌيڪ لڳي رهيو آهي. غيرموجودگيءَ ۾ ڪنهن جي برائي ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي، هي روسٽرم سياسي تقريرن جي لاءِ ناهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته وڪيل صاحب اوهان ڳالهه نه پيا ٻڌو، ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه جي آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته نظر ثاني ۾ پهريان نشاندهي ڪريو. فيصلي ۾ غلطي ڇا آهي؟ قانون ڏيکاريو ڪٿي لکيل آهي ته وزير اعليٰ سان مشاورت لازمي آهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته مشاورت جو عمل زبان به ٿي سگهي ٿو. آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ جي خلف داخل نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ 8 فيبروري 2024 تي چونڊ شيدول ۾ ترميم، غير ملڪي اثاٿن ۽ بينڪ اڪائونٽس جي خلاف درخواستون به خارج ڪري ڇڏيون. غير ملڪي عورتن سان پاڪستانين جي شادين تي پابندي جي درخواست به رد ڪئي وئي. آئيني بينچ بي بند ڪيس بازي تي درخواست گذارن تي مجموعي طور تي 60 هزار روپيا ڏنڊ عائد ڪري ڇڏيو. آئيني بينچ ڊاڪٽر عارف علوي جي بطور صدر مقرري جي خلاف داخل درخواست تي درخواست گذار کي ٻيهر ٻڌڻي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون درخواستون جرماني سان گڏ خارج ٿين ته بهتر آهي.