تل ابيب / غزه (م ڊ) حزب الله سان جهڙن ۾ اسرائيلي فوج جي ڪيپٽن سميت وڌيڪ 6 فوجي مارجي ويا، اسرائيل لبناني سرحد وٽ حزب الله سان ويڙهه ۾ 6 فوجين جي مارجڻ جي تصديقڪري ڇڏي. اسرائيلي فوج طرفان لبناني سرحدي علائقن ۾ جاري ڪارروائين ۾ وڌيڪ واڌ جي اعلان کانپوءِ اهو اسرائيلي فوج جو پهريون وڏو جاني نقصان آهي. اسرائيلي فوج موجب سندن فوجي هڪ سرحدي ڳوٺ ۾ عمارت ۾ ڪارروائي دوران حزب الله جي ويڙهاڪن سان ٿيندڙ جهڙپ ۾ مارجي ويا، مارجي ويل سمورن اسرائيلي فوجين جو تعلق گولاني برگيڊ سان هو. اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل طرفان لبنان ۾ زميني ڪارروائي کان وٺي هن وقت تائين 47 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن. هوڏانهن اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ هن وقت تائين 30 فلسطيني مارجي ويا، گڏيل قومن جي جاري ڪيل رپورٽس موجب غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا، عرب ميڊيا جي رپورٽس موجب غزه جي المواسي ڪيمپ جي ٽينٽ ڪيفي تي اسرائيلي حملي ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته النصيرات پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فورسز پاران اتر غزه جو گذريل هڪ مهيني کان گهيرو برقرارآهي. بيت لاحيا جي واحد اسپتال ڪمال عدوان تي ٻيهر بمباري ڪئي وئي.