وفاق ۽ ڪي پي سرڪار ۾ وري ٽڪراءُ، آءِ جي اسلام آباد سميت 600 اهلڪارن خلاف ڪيس جو فيصلو

0
34
وفاق ۽ ڪي پي سرڪار ۾ وري ٽڪراءُ، آءِ جي اسلام آباد سميت 600 اهلڪارن خلاف ڪيس جو فيصلو
وفاق ۽ ڪي پي سرڪار ۾ وري ٽڪراءُ، آءِ جي اسلام آباد سميت 600 اهلڪارن خلاف ڪيس جو فيصلو

پشاور(م ڊ) وفاق ۽ خيبرپختونخوا سرڪار هڪ دفعو ٻيهر آمهون سامهون ٿي ويا، علي امين گنڊاپور جي سرڪار پاران آءِ جي اسلام آباد سميت 600 اهلڪارن خلاف ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ذريعن موجب ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد سوڌو 6 سئو پوليس اهلڪارن کي نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڀڃ ڊاهه، چوري ۽ دهشتگردي سوڌو ٻيا قلم لڳايا ويندا

خيبرپختونخواه ڪابينا جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته ڪي پي هائوس تي اسلام آباد پوليس جي چڙهائي دوران ڀڃ ڊاهه سبب هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو، وڏي وزير علي امين گنڊاپور سوڌو اسيمبلي ميمبرز جون قيمتي شيون غائب آهن

ڪي پي سرڪار جي ترجمان بئريسٽر سيف چيو ته ڪي پي هائوس اسان جو آهي، اُن بابت ڪيس به اسان داخل ڪرائينداسين، وفاقي وزير امير مقام چيو ته ڪي پي هائوس اسلام آباد اسان سڀني جو آهي، اُن کي دهشتگردن جو ڳڙهه نه بڻايو وڃي