سپريم ڪورٽ ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي
درخواست عابد زبيري، شفقت محمود، شهاب سرڪي، اشتياق احمد خان، منير ڪاڪر ۽ ٻين داخل ڪئي هئي
درخواست ۾ وفاق، چئني صوبن، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي اختيارن جي ورهاست ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کي آئيني ترميمن کان روڪيو وڃي
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن جو بل پيش ڪرڻ جو عمل به بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن پارليامينٽ آئيني ترميم ڪري ٿي ته صدر کي صحيح ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه جي آزادي، اختيار ۽ عدالتي معاملا مقدس آهن، پارليامينٽ عدليه جا اختيار واپس نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي عدالتي اختيارن سان ٽڪراءَ ڪري سگهي ٿي
ياد رهي ته تجويز ڪيل ترميم وفاقي ڪابينا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش نه ڪئي وئي آهي