وفاقي سرڪار جو توانائي واري شعبي ۾ سڌارن لاءِ وڏو قدم، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي بجلي جي پيداوار ۽ خريداري لاءِ هڪ آزاد ملٽي پليئر مارڪيٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي آءِ ايس ايم او جي قيام جي اصولي منظوري ڏني، حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي، آءِ ايس ايم او تحت حڪومت جي ملڪ ۾ بجليءَ جي واحد خريدار واري ڪردار کي درجيوار ختم ڪيو ويندو
واحد خريدار جي جاءِ تي بجليءَ جي مارڪيٽ کي ملٽي پليئر انڊپينڊنٽ مارڪيٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان نظام سان بجليءَ جي واهپيدارن کي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کانسواءِ ٻين سپلائرز کان به بجلي خريد ڪرڻ جي سهولت حاصل هوند
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، وزيراعظم پاران بجلي جي چوري ۾ ملوث ماڻهن ۽ ڪمپنين جي ملازمن خلاف به ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي