فيض گنج ڀرسان ٻن واهن کي لڳل 3 گهارا بند نه ٿيا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو

0
52
فيض گنج ڀرسان ٻن واهن کي لڳل 3 گهارا بند نه ٿيا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو
فيض گنج ڀرسان ٻن واهن کي لڳل 3 گهارا بند نه ٿيا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ ٻن واهن کي لڳل 3 گهارا آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب بند نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته گهارن سبب 7 ڳوٺن جا 30 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ٻن واهن علي نواز واهه ۽ پنڌرهون واهه کي لڳل ڌار ڌار 3 گهارا اڃا تائين بند ناهن ٿي سگهيا، علي نواز واهه کي ڳوٺ عثمان ملو وٽان 25 فوٽ ۽ ڳوٺ مهاڙي وٽان 35 فوٽ گهارو لڳو

جڏهن ته پنڌرهون واهه کي بصير پل وٽان 25 فوٽ پيل گهارو بند ناهي ڪيو ويو، گهارن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ووئڻن، جوئر، گوار، سارين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته پنڌرهون واهه کي لڳل گهارو 25 فوٽن مان وڌي 60 فوٽ ٿي ويو آهي

گهاري سبب 7 وڏا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا جن ۾ عاقل راڄپر، نواب راڄپر، صوڀو راڄپر ، قادر بخش راڄپر، فوٽو خان لاشاري، محمد دائود راڄپر، محمد قابل راڄپر تاري، امير بخش راڄپر، بيبي مريم جو قبرستان شامل آهن

متاثر ڳوٺاڻن شهباز راڄپر، منظور حسين دائود، عاقل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن کان واهن کي گهارا لڳا آهن، آبپاشي عملدارن کي بر وقت اطلاع ڪيو پر اڃا تائين ڪير به ناهي پهتو، هنن چيو ته ايس ڊي او آبپاشي نااهل آهي، کيس هٽائي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.