آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ انتظامي معاملو آهي، دهشتگردي قانون ۾ ترميم خلاف احتجاج ڪبو: فضل الرحمان

0
29
آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ انتظامي معاملو آهي، دهشتگردي قانون ۾ ترميم خلاف احتجاج ڪبو: فضل الرحمان
آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ انتظامي معاملو آهي، دهشتگردي قانون ۾ ترميم خلاف احتجاج ڪبو: فضل الرحمان

اسلام آباد(بيو رو رپوررٽ) جي يو آءِ سربراهه دهشتگردي خلاف ايڪٽ ۾ ترميم خلاف احتجاج جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ انتظامي معاملو اآهي، دهشتگردي قانون ۾ ترميم خلاف احتجاج ڪبو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت دهشتگردي خلاف ايڪٽ ۾ ترميم ڪري رهي آهي، جيڪا قانونسازي ٿيڻ وڃي رهي آهي، اُها 26هين ترميم جي توهين آهي، دهشتگردي خلاف ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پارليامين مان پاس ٿيو ته اُن خلاف عوام ۾ وينداسين،  مولانا فضل الرحمان حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بل پاس ٿيو ۽ اڄ توهان ان جي ابتڙ ڪري رهيا آهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ جي يو آءِ سربراهه چيو ته آرمي چيف جي ايڪسٽينشن يا ملازمت جي مُدي ۾ واڌ انتظامي معاملو آهي، ماضي ۾ به آرمي چيفس جي ايڪسٽينشن ٿيندي رهي آهي، ذاتي طور آئون آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي خلاف آهيان، آرمي وٽ جيترا اختيار آهن اهي ڪافي آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسان اپوزيشن ۾ آهيون، اپوزيشن پارٽين جي جدوجهد هڪ ئي هوندي آهي، اسان وڇوٽين کي ختم ڪري سٺو ماحول پيدا ڪري سگهون ٿو