EXCUSE ME … مکڻ مان نڪتل وار “مقدس” ناهن هوندا

0
108
EXCUSE ME ... مکڻ مان نڪتل وار “مقدس” ناهن هوندا

 ڪنهن ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته، مفتيءَ جو قلم ۽ جلاد جي تلوار بادشاههِ وقت جي جنبشِ ابرو جي مطيع هوندي پر هن دور ۾ اهو اڌورو سچ لڳي ٿو. اهو وقت جي مورخ ساهه روڪي حيرت سان ڏٺو آهي ته مفتيءَ جو قلم به ڪنهن “معزول بادشاهه” جي جنبشِ ابرو جو مطيع ٿي سگهي ٿو! توڙي جو هو “معزول بادشاهه” نه آهي ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن جي ايوان مان “بازي” هارائي ٻاهر ٿيو آهي. انا جو اسير ايترو، جو اڃان به پاڻ کي تخت طائوس تي ويٺل ٿو سمجهي! ڪنهن عدالت جي گهرائڻ تي به وڃڻ لاءِ تيار ناهي. چار ڀيرا عدالت جي گهرائڻ تي نه وڃڻ کانپوءِ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پهچائڻ واري حڪم کانپوءِ سنتري کيس سوگهو ڪرڻ لاءِ سندس زمان پارڪ واري “مورچي” تي پهتا ته ان جي حامين سنترين کي اتان سيکت ڏئي لوڌي ڪڍيو. عام چوٻول اهو آهي ته، قانون لاڳو ڪندڙن “عفو ۽ درگذر” جو ڪمال مظاهرو ڪري پاڻ تان خلق کلائي. منصفن کيس ڪاٺ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. ڪالهه عدالت ۾ هڪ جوابدار جي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ سندس قافلو شاهاڻي شان سان وفاقي گاديءَ واري شهر روانو ٿيو. عدالت جي احاطي ۾ ئي سندس حاضري قبول پئي ۽ هو “معزول بادشاهه” (ڪجهه دير اهو فرض ڪرڻ ۾ ڇاهي!) واپس اسان جي ملڪ جي عدل واري سرشتي تان چٿرون ڪندو لاهور روانو ٿي ويو. ها البت سندس “سپاهه” هتي به سنترين جي سار لهڻ نه وساري. ڀڃ ڊاهه ڪئي، سنترين تي پٿر وسائي. ڪجهه سنترين کان صحت ۽ سگهائي کسي ورتي. وفاقي گاديءَ واري شهر جو پوليس سربراهه حيرت مان ڀرون تاڻي اهو ٻڌائي ٿو ته، سنترين تي انصافي خلق شيلنگ پڻ ڪئي، جيڪا پوليس لاءِ بنهه حيرت جوڳي ڳالهه آهي. ٻئي طرف ڪالهه سنترين زمان پارڪ وارو “مورچو“ هٿيار پنهوار کڻي “فتح” ڪيو ۽ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي اقرار سان گڏ اتان هٿيار ملڻ جي خبر به بريڪ ڪئي وئي آهي. اتي پڻ پوليس تي پئٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا.

ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڄڻيندو آهي، جنهن ک ماڻهوءَ جو ڦر چئبو آهي، اهو جنم فطري توليدي عمل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ اهو عام آهي ته هتي ادارا ڪن ماڻهن کي ڄڻيندا آهن، انهن کي ادارن جو اولاد چئبو آهي. اهي ادارا انهن کي پالي نپائي، مچائي مواڙ ڪندا آهن. تختِ طائوس تائين پهچائيندا آهن. سياست جو اهو وسيع “پراڊڪشن هائوس” آهي. هتي ادارن جي ڄڻيل ۽ انهن جي ڇٽيءَ جي ڇانوَ ۾ لکيل ۽ اڻ لکيل اسڪرپٽ تي عمل ڪندڙ ڪئين نائيڪ ۽ نائيڪائون آيا ۽ ويا. ڪو سڃاڻجي پوي ٿو ته، وات مان بي اختيار اهي لفظ نڪرن ٿا ته، You too Brutus! اهڙو جڏهن پنهنجي سرجڻهارن سان “سرڪشي” ڪندو آهي ته مکڻ مان وار جيئن نڪري ويندو آهي. هو پڻ اهڙو وار آهي، جيڪو اقتدار جي مکڻ مان ڪڍيو ويو آهي. اقتدار جي مکڻ ما نڪتل وار مقدس ناهن هوندا، پر احمد راڄي جي پاڏي جيان اهي تر جا لاڏلا ضرور هوندا آهن. ها، هو به لاڏلو آهي، پر راڻي ثناءُ الله جو خيال آهي ته هو ڀلي ڪيڏو به لاڏلو هجي، مفتيءَ جي قلم کي مطيع بڻائي هر رليف وٺندڙ هجي، پر “سچ پُتري سان سچي پاڻهي ڪندو”. بس اهوئي خوف آهي، جو هو چوي ٿو ته کيس شهباز گِل ۽ بابا سواتيءَ جي انجام کان بچايو وڃي!

         ………….. عزيز سولنگي