اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ جي پاليسي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪوٽا تي نوڪريون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ٻڌڻيءَ هيٺ آهي
چيف جسٽس چيو ته سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ڪوٽا تي نوڪريون ڏيڻ جو ڪو قانون يا لاجڪ ٻڌايو، هر حڪومتي پاليسي جي ڪا نه ڪا لاجڪ ته هجڻ گهرجي
سڀاڻي چيف جسٽس جي ٻارن کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي پاليسي ٺاهين ته پوءِ ڇا ٿيندو، رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي پينشن ته ملي ٿي، پينشن باوجود هي ٺيڪو کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پنجاب حڪومت سروس رولز ۾ ترميم ڪري ٻارن جي ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪريون ڏيڻ جو قانون موجود آهي
چيف جسٽس چيو ته آئين جي آرٽيڪل 27 تحت سڀ ماڻهو ملڪ جا شهري آهن، هي ته ملازمن لاءِ خانچو ٺاهيو ويو آهي، ائين ته پوءِ سڀاڻي ٻاهران ڪير به نوڪري حاصل نه ڪري سگهندو، هاڻي چوندا ته اسان نوڪريون ڏئي رهيا هئاسين سپريم ڪورٽ روڪي ڇڏيو، عدالت ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي سرڪاري ملازمن جي ڪوٽا تي اولاد جي ڀرتي واري پاليسي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو